127

وزيراعظم جي ويزن مطابق ڪامياب پروگرام تحت فرنچائيز پوسٽ آفسز طرف وڌي رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن مطابق ڪامياب پروگرام تحت فرنچائيز پوسٽ آفيسن طرف وڌي رهيا آهيون، نوجوان ڪامياب ٿيندو ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان پوسٽ ۽ بئنڪ آف پنجاب وچ ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت فرنچائيزڊ پوسٽ آفيسز قائم ڪرڻ لاءِ قرضن جي فراهميءَ جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي نوجوانن بابت خاص معاون عثمان ڊار ۽ بئنڪ آف پنجاب جو شڪرگذار آهيان جنهن جي ڪري اڄ اهو معاهدو طئي ٿيو آهي. ان معاهدي تحت پاڪستان پوسٽ نوجوانن کي فرنچائيز پوسٽ آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ منظوري ڏني، جڏهن ته بئنڪ آف پنجاب ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندي. هن چيو ته هاڻي تائين 10 هزار کان وڌيڪ نوجوان فرنچائيز آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آهن، جن مان 2700 درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن. مراد سعيد چيو ته وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام کان علاوه ننڍن آبادگارن لاءِ پهريون ڀيرو قرضن جي سهولت فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته سستن گهرن جي اسڪيم تحت غريبن کي اجهو فراهم ڪرڻ جو خواب پورو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته انهن سمورن قدمن جو مقصد پاڪستان جي عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ آهي. هن چيو اليڪٽرانڪ مني آرڊر ذريعي پاڪستان پوسٽ بابت ايف اي ٽي ايف جا 12 خدشا ختم ڪيا ويا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ مني آرڊر کي جلد موبائل فون تي به آڻينداسين ته جيئن سستي ۽ تيز ترين سهولت ماڻهن کي گهرن تائين پهچي سگهي. هن چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي جي ميدان ۾ به پاڪستان پوسٽ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان پوسٽ جي ناڻي ۾ 9 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ جلد اسان منافعي طرف وينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو