113

ڊاڪٽر فيصل سلطان طرفان چمن بارڊر جو دؤرو، پوليو ۽ ڪورونا ويڪسين جي انتظامن جو جائزو ورتو

چمن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت مشير ڊاڪٽر فيصل سلطان چمن پاڪ- افغان بارڊر جو دؤرو ۽ اتي پوليو ۽ ڪورونا ويڪسين جي انتظامن جو جائزو ورتو. هن پوليو ٽيمن جي ورڪرز سان به ملاقات ڪئي ۽ پوليو ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي روڪٿام لاءِ ڪيل انتظامن تي ضلعي انتظاميه جي واکاڻ ڪئي. دؤري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته پوليو جو مرض پوري دنيا مان ختم ٿي چڪو آهي پر افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اڃا تائين موجود آهي جنهن کي ختم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو