اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن بابت مشير بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مريم اورنگزيب جيڪا به واويلا ڪري، حقيقت اها آهي ته نواز شريف کي عدالتن ڪُوڙو ۽ دوکيباز قرار ڏنو آهي. جمعي ڏينهن مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ تي پنهنجي ردِعمل ۾ شهزاد اڪبر چيو ته هاڻي برطانيه ۾ به نواز شريف کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي، ان لاءِ هو بيماريءَ جو ڪوڙو بهانو ڪري برطانيه ۾ نٿو رهي سگهي.
