ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن اقليتن جو سڀ کان وڌيڪ تحفظ ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ هڪ ماڻهو ۽ محنتي ورڪر کي وزيراعظم بڻايو. گذريل ڏينهن ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته ڪشمير جي اليڪشن ۾ سڀ ڪجهه ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي. ڪشميرين وزيراعظم عمران خان جي پاليسين سان اتفاق ڪيو. اعجاز احمد شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ڀارت جيستائين والاريل ڪشمير جي پُراڻي حيثيت نٿو بحال نٿو ڪري ان سان واپار جو معاهدو نه ٿيندو. عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.
