اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان والاريل ڄمون ڪشمير جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ صورتحال ۽ اتي جنم وٺندڙ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي اسلامي تعاون تنظيم ۽ مسلمان ملڪن جو هنگامي بنيادن تي انساني راهداري قائم ڪرڻ ۽ ڀارتي دهشتگرديءَ جي شڪار ڪشميرين جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. صدر آزاد ڪشمير اها اپيل مظفر آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي 12 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. اسلامي تعاون تنظيم جي وفد ۾ متحده عرب امارات، يوگينڊا، نائجيريا، ملائيشيا، سعودي عرب، آذربائيجان، گبون، تيونس، ترڪي ۽ مراڪش جا سفارتڪار ۽ نمائندا شامل هئا، جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مرغوب سليم بٽ ۽ پاڪستان جي ناليواري سفارتڪار تسنيم اسلم پڻ وفد ۾ شامل هئا. ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي صدر اسلامي تعاون تنظيم جو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقِ خوداراديت جو پوري جرئت ۽ ثابت قدميءَ سان حمايت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته عالمي سطح تي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جي 2018ع جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽن کانپوءِ اسلامي تعاون تنظيم جي انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽس جي وڏي اهميت آهي جنهن تي ڪشميري عوام ان اداري جو دل سان شڪرگذار آهي. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جي انساني حقن واري ڪميشن جي گذريل رپورٽ کانپوءِ والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪيتريون ئي نيون تبديليون آيون آهن جيڪي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، ادارن خاص طور اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي فوري توجهه جي تقاضا ڪن ٿيون. اسلامي تعاون تنظيم جي مستقبل آزاد انساني حقن واري ڪميشن جي گذريل رپورٽ جو حوالو ڏيندي صدر مسعود خان چيو آهي ته ان رپورٽ ۾ پيش ڪيل سفارشن جي روشنيءَ ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين خلاف مسلم دنيا خاص طور اسلامي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ آواز اُٿارين. ڀارت خلاف اقتصادي پابنديون لڳائڻ جي تجويز جو ٻيهر جائزو وٺن. گذريل ٻن سالن کان گهيريل ڪشميرين جي ڪاروبار ۽ روزگار ختم ٿيڻ کانپوءِ هو جنهن بدترين اقتصادي بدحاليءَ جو شڪار آهن ان جو هنگامي بنيادي تي مدد ڪرڻ لاءِ مسلم ملڪ غير حڪومتي تنظيمن ذريعي ڪشمير جي گهيريل آباديءَ تائين مدد پهچائڻ لاءِ انساني راهداري قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻن ۽ ڪشميري شاگردن جو والاريل ڪشمير آزاد ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن انهن کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن.
123