114

شريف خاندان هميشه ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻيو ۽ ملڪ ۾ بادشاهت قائم ڪئي: شهباز گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته شريف خاندان هميشه ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو ۽ پاڪستان ۾ بادشاهت ڪئي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هتان هيليڪاپٽرن تي پاوا ۽ ناشتا گُهرائيندڙ پرڏيهه ۾ لائينن تي لڳل آهن. عمران خان سبب اڄ پاڪستان کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته ڪرپشن ۽ چوريءَ جو ذڪر ٿئي ۽ شريف خاندان جو نالو نه اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو