131

مدئجي شهر ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي شادي شده عورت زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) مدئجي شهر ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي شادي شده عورت زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق مدئجي شهر ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي شادي شده عورت نيازان خاتون زال علي بخش بروهي زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ عورت جي ڀاءُ جميل بروهي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ جي ٻه سال اڳ علي بخش بروهي سان ٿي هئي اڄ هن گهر وارن سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ عورت جو لاش وارث مديجي کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو