لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻو – خيرپور پل وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ هڪ ڄڻُ سخت زخمي ٿي پيو آهي. تفصيل مطابق لاڙڪاڻو – خيرپور پل وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ لال بخش ڀٽي واسي نوجوان شوڪت ڀٽي ۽ سندس پيرسن امڙ امام زادي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو جتي پيرسن عورت امام زادي ڀٽي زخمن جا سور نه فوت ٿي وئي جڏهن ته زخمي نوجوان کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي حادثي ۾ فوت ٿي ويل پيرسن عورت جي زخمي پٽ شوڪت ڀٽي ٻڌايو ته اسان خيرپور ميرس کان پنهنجي ڳوٺ لال بخش ڀٽي ڏانهن واپس اچي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻي کان بغير لائيٽ جي ايندڙ موٽرسائيڪل سوار اچي سامهون ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي امڙ ۽ آءُ سخت زخمي ٿياسين بعد ۾ علائقي واسين اسان کي زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي منهنجي پيرسن امڙ فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارث ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
