135

آمريڪا ، عورت پنهنجي مڙس کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ عورت پنهنجي مڙس کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق پوليس ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 44 سالن جي جوابدار انتونيا ايشفورڊ پنهنجي 47 سالن جي مڙس روڊرڪ ايشفورڊ کي جيڪسن ۾ واقع پنهنجي گهر ۾ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي . هن چيو ته پوليس گذريل ڏينهن صبح فائر ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ  کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهچي وئي ته انهن هڪ شخص کي گهر ۾ زخمي حالت ۾ ڏٺو سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي  پر اهو شخص واقعي واري هنڌ تي لاڏاڻو ڪري ويو . پوليس فوري طورتي ڪاروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ڪائونٽي جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو