105

ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جنھن به کاتن ۽ ادارن سان گڏ ويھڻو پيو ويهنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صلاحڪار قانون بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته هن منصب کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو، بنيادي ڪم اهو آهي ته نفرتن جي سياست ختم ٿئي، گذريل چئن، پنجن سالن ۾ مسئلا حل ئي ڪونه ٿيا، سمورن شهرين جي سھڪار سان ڪراچي ۾ مثبت تبديلي آڻينداسين، شهر جي خدمت جي حوالي سان پنهنجي ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي بعد پاليسي کان آگاهه ڪندس، شهرين کي جيترو رليف ڏئي سگهنداسين انھن کي جلد ڏينداسين، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جنھن به کاتن ۽ ادارن سان گڏ ويھڻو  پيو  ويهنداسين، هي سڀني جو شھر آهي ضرورت پئي ته وفاق سان گڏ پڻ ڪراچي جي مسئلن تي ويهي ڳالهه ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن صدر آفيس جي ڪي ايم سي ۾ بلديه عظميٰ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جو چارج سنڀالڻ کان بعد آفيسرن سان تعارفي ميٽنگ جي بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ان کان اڳ ايڊمسنٽريٽر ڪراچي مرتضٰي وهاب ڪي ايم سي بلڊنگ پهچڻ تي ميونسپل ڪمشنر دانش سعيد ۽ ٻين آفيسرن ان جو استقبال ڪيو، آفيسرن سان گڏ تعارفي ملاقات ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بنيادي معاملن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون ۽ پنهنجي نقطہ نظر ٻڌايو، هن چيو ته 1994 ۾ پهريون دفعو ڪي ايم سي آيو ھئس، مان هن اداري جي عروج پڻ ڏٺو هيو ۽ زوال پڻ اهو منهنجو نه بلڪي اسان سڀني جو شھر آهي اڄ اها جنهن پستي جو شڪار آهي، ان جا اسان سڀ  ذميوار آهيون، مان بليم گيم نٿو ڪرڻ چاهيان اڄ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان اسان کي هن شهر کي بهتر ڪرڻو آهي، ڪي ايم سي هن شهر کي ٺاهيو ۽ هلايو آهي، پو۽ ھاڻي اھڙي صورتحال ڇو  ٿي وئي آھي ته آفيسرن هاڻي شهر کي ڇو ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي پاڻ تي ڌيان ڏنو، هن چيو ته نيت صاف هجي ته سمورا ڪم ڪري سگهجن ٿا، مان مسئلن جي ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان ان جي حل تي يقين رکندو آهي، هنن حالاتن ۾ جيڪو ڪجهه ڪي ايم سي ڪري سگھي ٿي ضرور ڪرڻ گھرجي، پنهجي ڳالهين ۾ صداقت، ديانت، کڻي ايندو ته شهر جي خدمت ضرور ٿيندي، هن هدايت ڪئي ته کاتي جا علمدار  پنهنجو پنهنجو ايڪشن پلان ٺاهن تہ ایندڙ 30 ڏينهن ۾ شهر ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڇا ڪرِي سگھجي ٿو ان جي مڪمل تفصيل پيش ڪن ۽ اهو ٻڌائين ته پارڪس ڪيئن ٺيڪ ٿيندا، رستن تي لين مارڪنگ ڪيئن ٿيندي، شھر جي خوبصورتي۾ ڪئين اضافو ڪجي، هن چيو ته سٽي وارڊنز روڊن تي نظر اچن هي روشنين جو شهر آهي مان پاڻ آفيس ۾ گھٽ پر روڊن تي ڪم ڪندي نظر ايندس، بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته اڄ عهدي جو چارج سنڀالي آهي ۽ سمورن کاتن جي سربراهن سان رسمي ملاقات ڪئي آهي، مان انهن کي هدايت ڪئي آهي ته مثبت ذھن سان گڏ ڪم ڪرڻو آهي، شهرين کي جيڪو رليف ڏئي سگهون ٿا اهو ضرور ڏينداسين، دنيا جو ڪوئي ادارو مالي مستحڪم جي بنا ڪم نٿو ڪري سگهي، اسان کي ٽيڪس ۽ ٻين وصولين جو حدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ايندڙ هفتي کان مان سمورن کاتن کان بريفنگ وٺندس، جيڪا بهتري معاملن ۾ آڻي سگهون ٿا آڻينداسين ۽ سمورا تفصيل شيئر ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪي ايم سي ماضي ۾ شهر جي خدمت ڪئي آهي برحال هاڻي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ بنا فرق جی ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، هن چيو ته شهر ۾ مسئلن جا انبار  آهن ڇر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ شهرين جو سهڪار جي پڻ ضرورت آهي، هن چيو ته شهر ۾ پاڻي جو هڪ وڏو مسئلو آهي پاڻي جو شارٽ فال آهي جيڪو فوري حل نٿو حل ٿي سگهي واٽر بورڊ مون وٽ ناهي پر شهري ادارو آهي ان سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، ڪجهه علائقن ۾ 7 ڏينهن پاڻي ايندو آهي ڪنهن وٽ هڪ ڏينهن به پاڻي نه ايندو آهي، اسان کي گهرجي ته ماڻهن جي ذهن سازي ڪيون ۽ بهتري جي راهه ڪڍون، هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کان گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي حڪومت جو ساٿ ڏين ڪي ايم سي آفيسرن سان ملي ڪري شهر کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي متعصب دماغ ٿئي ها ته مان هتي نه هجان ها،ڪنهن به آفيسر يا ملازمن جو واسطو ڪنهن به پارٽي سان هجي ان کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي آهي ۽ اسان کي ملي ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته زميني حقيقتيون سڀني کي معلوم آهن، ان کان قطع نظر توهان منهنجو ساٿ ڏيو مان سڀني سان گڏ آهيان، مون کي اها قطعي سٺي ناهي لڳندي ته ڪراچي تباهه ٿي ويو، ماضي ۾ ڇا ٿيو مان انهن تفصيلن ۾ نه ویندس پر صرف ايترو چوندس ته انشاء الله اسان هتان کان بهتري جي طرف وينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو