95

ٻار کي مذهب جي ڪهڙي خبر، ان تان مندر ڪيرايو ويو پر مسجد ڊاهي وڃي ها ته مسلمانن جو ڪهڙو رد عمل اچي ها؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ضلع  رحيم يار خان جي علائقي ڀونگ ۾ مندر تي حملو ڪندڙن کي ترت ئي  گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو آهي ته ٻار کي مذهب جي ڪهڙي خبر، ان معاملي تان مندر ڪيرايو ويو پر جيڪڏهن مسجد ڊاهي وڃي ها ته مسلمانن جو ڪهڙو رد عمل اچي ها؟ جمع ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ضلع رحيم يار خان جي مندر حملي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب انعام غني ۽ چيف سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مندر تي حملو ٿيو، انتظاميا ۽ پوليس ڇا ڪري رهي هئي. آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته اي سي ۽ اي ايس پي موقعي تي موجود هئا، انتظاميه جي ترجيح مندر جي ڀرسان موجود هندن جي 70 گھرن جو تحفظ ڪرڻ هو، ڪيس ۾ دهشت گردي جا قلم لڳايا ويا آهن، پر هن وقت تائين ڪو به گرفتار نه ٿيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ 9 سالن جي ٻار جي ڪري واقعو ٿيو، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي، پوليس سواءِ تماشو ڏسڻ جي ڪجهه به نه ڪيو. جيڪڏهن ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي پي او ڪم نه ٿا ڪري سگهن ته کين عهدن تان هٽايو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود ٻڌايو ته وزيراعظم به معاملي جو نوٽيس ورتو آهي. جسٽس قاضي امين چيو ته پوليس پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، سرڪاري پيسن سان مندر جي تعمير ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته هندن جو مندر ڪيرايو ويو، سوچيو هنن جي دلين تي ڇا گذري هوندي، سوچيو مسجد تي حملو ٿئي ها ته مسلمانن جو رد عمل ڇا هجي ها. سپريم ڪورٽ مندر حملي جي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ، شرپسندي تي مڇرائيندڙن خلاف ڪارروائي ۽ مندر جي بحالي جو خرچ به جوابدارن کان هر صورت ۾ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته آزاد گھمندڙ جوابدار هندو ڪميونٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگھن ٿا، يقيني بڻايو وڃي ته آئينده اهڙا واقعا نه ٿين. سپريم ڪورٽ ڪمشنر رحيم يار خان جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي متاثر علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وليج ڪميونٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کان هڪ هفتي ۾ اڳڀرائي رپورٽ گھري ورتي. جسٽس قاضي امين چيو ته ميڊيا رپورٽن موجب هندو ٻار جو تشدد سبب پيشاب نڪتو هو، سڄي دنيا جون پارليامينٽس واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن، اقليتن کي تحفظ جو احساس ٿيڻ گھرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اٺن سالن جي ٻار لائبريري ۾ پيشاب ڪيو، پوليس اٺن سالن جي ٻار کي گرفتار ڇو ڪيو؟ اٺن سالن جي ٻار کي مذهب جي ڪهڙي خبر؟ ڇا پوليس وارن جا اٺن سالن جا ٻار ناهن هوندا؟ ڇا پوليس اٺن سالن جي ٻار جي ذهن جو اندازو ناهي؟ ٻار کي گرفتار ڪندڙ ايس ايڇ او کي برطرف ڪريو. آءِ جي پنجاب لاڳاپيل ايس ايڇ او جي برطرفي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ٻار کي مئجسٽريٽ جي عدالت پيش ڪيو ويو هو، مسجد، امام بارگاهه ۽ مندر گڏ آهن، متاثر علائقي ۾ حالتون آئيڊيل هيون ۽ ڪڏهن به بدامني نه ٿي آهي. چيف جسٽس چيو ته بيوروڪريسي رڳو پگھارون ۽ مراعتون کڻي رهي آهي، قابل آفيسر هجن ها ته هن وقت تائين حل ٿي چڪو هجي ها، انتظاميا کي فارغ ڪيو اهي رڳو زندگي انجواءِ ڪري رهيا آهن. چيف سيڪريٽري پنجاب ٻڌايو ته بي لگام سوشل ميڊيا مسئلي جو بنيادي سبب آهي، عبدالرزاق سومري نالي شخص سوشل ميڊيا تي پوسٽ لڳائي، گذريل محرم ۾ به گھڻن ماڻهن کي سوشل ميڊيا پوسٽن سبب گرفتار ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو