135

عمران خان جي ويجهي دوست عون چوڌري دٻاءَ سبب جهانگير ترين کي ڇڏڻ بدران استعفا ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي سياسي معاملن واري خاص معاون ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست عون چوڌري دٻاءَ سبب  جهانگير ترين کي ڇڏڻ بدران استعفا ڏئي ڇڏي آهي. ان بابت ذريعن ٻڌايو آهي ته عون چوڌري کي وزيراعليٰ هائوس ۾ گهرايو ويو جتي ان جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات ٿي ۽ ان ئي ملاقات ۾ هن کان استعفيٰ طلب ڪيو ويو. ذريعن موجب عين چوڌري مٿان اسيمبلي ميمبرن کي ترين گروپ ۾ آڻڻ جي لاءِ لابنگ جو الزام آهي. ذريعن چيو آهي ته عون چوڌري پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون  واري عهدي تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي. عون چوڌري ملاقات ۾ پنهنجي لکت ۾ استعفا وڏي وزير کي ڏئي ڇڏي. ان بابت عون چوڌري به تصديق ڪندي ٻڌايو ته مون کي اڄ وڏي وزير آفيس  ۾گهرائي ترين گروپ کان ڌار ٿيڻ جو چيو. ترين گروپ کان ڌار ٿيڻ کان انڪار تي استعفا ڏيڻ جو چيو ويو. مون جهانگير ترين گروپ کي ڇڏڻ بدران خاص معاون واري عهدي تان استعفا وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏي آهي. هن پنهنجي استعفا ۾ لکيو آهي ته جهانگير ترين جون پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ ڪيل خدمتون سڀني جي سامهون آهن، ان جي ڪري ئي پارٽي اقتدار ۾ آئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو