ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي 17 صوبن ۾طالبانن خلاف وڏو آپريشن جاري، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه، 406 طالبان مارجي ويا، رپورٽ موجب افغانستان جي صوبن ننگرهار، لغمان، غزني، پڪتيا، خوست، قنڌار، زاهل. هرات، جوز جان، بلخ، سمنگان، فارياب ۽ سراحي پل ۾ آپريش ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڳرن هٿيارن سان ڪاروايون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ طالبانن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، جڏهن ڪاروائي دوران 406 طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، دهشتگردن به سيڪيورٽي فورسز تي جوابي ڪاروائي ڪئي،افغان فوج جي مارشل عبدالرشيد دوستم جي گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، هوڏانهن افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته پنهنجون ترجيحون طئي ڪري ڇڏيو آهن، ڳالهيون ڪنداسين يا وري جنگ جي ميدان ۾ دشمن جا گوڏا ڀڃنداسين.
