123

علائقي جي پائيدار استحڪام۽ ترقي جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن: وزير اعظم

 پشاور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان گڏ پشاور ڪور هيڊ ڪواٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي گونر ۽ وڏو وزير وزير اعظم سان گڏ هئا، وزير اعظم شهيدن جي يادگار تي گل جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي وزير اعظم تي پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير عمران خان چيو ته  علائقي جي پائيدار استحڪام۽ ترقي جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن،سماجي ۽ معاشي منصوبن جي لاءِ بهتر ماحول ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ  جو قدم ساراهه جوڳو عمل آهي،جامع بارڊر مئنيجمينٽ، اثرائتو سرحدي ڪنٽرول ۽ گهرو سلامتي يقيني بنائڻ جي لاءِ عملي قدم پڻ اطمينان جوڳا آهن، وزير اعظم وڌيڪ چيو ته  ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل ضلعن  ۾ ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا ويا، وڻڪاري مهم ساراهه جوڳي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو