120

قومي اسيمبلي ۾ مندر تي حملي جو مذمتي ٺهراءُ منظور ، حڪومت اقليتن جي حفاظت جي پڪ ڏياري ڇڏي

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي  هڪ متفقه ٺهراءُ منظور ڪري  رحيم يار خان ضلع جي علائقي ڀُونگ شريف ۾ مندر ٽوڙڻ جي مذمت  ڪئي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي ۽ چيو آهي ته  پاڪستان جو آئين اقليتن جي حفاظت جي ضمانت ڏي ٿو، وزيراعظم عمران خان ان واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، پاڪستان جي قومي جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ڪيسو مل چيو ته رحيم يار خان ۾ مندر ۾ ڀڃ ڊاهه مذمت جوڳي آهي، ان سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي بدنامي ٿي آهي. جڏهن پوري قوم ڀارت طرف ڪشمير جي کنيل هڪطرفي قدمن جي مذمت ڪري رهي هئي اهڙي ۾ ان طرح جا واقعا افسوسناڪ آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر جئه پرڪاش چيو ته ڀونگ شريف ۾ گنيش مندر کي ساڙيو ويو ان جي مذمت ڪريون ٿا، ان واقعي جي فوري بعد اهو معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو، پوليس ان وقت خاموش تماشائي ڇو رهي، گهرو وزارت ان جو نوٽيس وٺي. پيپلزپارٽي جي رميش لال چيو ته رحيم يار خان ۾ ٿيندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، اتي رهندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ هندن جو پاڻي بند ڪيو ويو ، پوءِ مندر جي حملو ڪيو ويو ان جو ذميدار ڊي پي او ۽ ڊي سي آهن، واقعي جي ٽن ڪلاڪن تائين پوليس نه آئي، ڪو به گرفتار نه ٿيو، لاڳاپيل عملدارن کي طلب ڪري انهن کان ان حوالي سان پڇيو وڃي، پي ٽي آءِ جي ميمبر لالچند چيو ته اسلام اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي، اهڙن قدمن سان ملڪ بدنام ٿيندو آهي. وزيراعظم فوري ان جو نوٽيس ورتو، ان کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ٿي وئي. سپريم ڪورٽ به ان جو نوٽيس ورتو آهي، اهڙا واقعا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، رميش لعل چيو ته اسان پهرين پاڪستاني پوءِ هندو آهيون، اسان کي برابري جا حق مليل آهن پر ڪجهه شرپسند اهڙن واقعن ۾ ملوث هوندا آهن، مولانا عبدالاڪبر چترالي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو وقت به وقت اسلام کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ واقعا ڪندا آهن، حڪومت جي رٽ نه هجڻ سان اهڙا فساد ٿيندا آهن. اسلام امن جو دين آهي، اسان اقليتن جي عبادتگاهن جو به احترام ڪريون ٿا، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ميمبر جمال الدين چيو ته جمعيت سدائين اهڙن واقعن جي مذمت ڪئي آهي. پيپلزپارٽي جي ميمبر  سيد نويد قمر چيو ته اهو واقعو مذمت جوڳو آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏجي ڪو لائحه عمل جوڙيو وڃي، هتي رهندڙن کي برابري جا حق حاصل آهن. انساني حقن واري وزارت به رحيم يار خان انتظاميه سان رابطي ۾ آهي، وزيراعظم ان مندر جي مرمت جا حڪم ڏنا، ان معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي، صوبائي حڪومت به ان تي ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن مذهبن جي پاڪستانين کي برابر حق ڏي ٿو، عبادت گاهن جو تحفظ آئين ڏي ٿو، اسان سڀ پهرين پاڪستاني آهيون، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته ڪنهن کي اهو حق نه آهي ته هو ڪنهن جي عبادت گاهن کي نقصان پهچائي. اسان جو قومي جهنڊو اقليتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، اسان جون عدالتون، مدرسا اهڙن واقعن جي خلاف بيهندا آهن جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ان جي ابتڙ عدالتون بابري مسجد جهڙي سانحي ۾ انصاف ناهن ڏينديون اتي اقليتن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، ان موقعي تي هن ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته هي ايوان ڀونگ شريف رحيم يار خان ۾ مندر کي ٽوڙڻ ۽ سخت نقصان پهچائڻ جي واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان ڏک ۾ پنهنجي هندو برادري سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان به ان جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي، قراداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ان عزم جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن ۽ عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، ان مسئلي تي پوري حڪومت ۽ قوم هڪ آهي، اسلام اقليتن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪري ٿو، هي ايوان اقليتن کي انهن جي حقن جي مڪمل تحفظ جي خاطري ڪرائي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو