140

ٽڪ ٽاڪ ئي بند ڪرڻو آهي ته پوءِگوگل بند ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي تي عدالت انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي اي وڪيل کان ڀڇاڻو ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ  کي ڇو بند ڪيو؟ ٽڪ ٽاڪ ئي بند ڪرڻو آهي ته پوءِگوگل بند ڪريو،21 هين صدي  آهي، ماڻهن جو معاشي ذريعو سوشل ميڊيا ايپس سان ڳنڊيل آهي،پي ٽي اي وڪيل عدالت  ۾ ٻڌايو ته پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي آهي، مڪينزم ٺاهڻ جو چيو هو، جنهن تي چيف جسٽس ڀڇاڻو ڪيو، پشاور هاءَ ڪورٽ سموري ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو؟ جنهن تي پي ٽي اي وڪيل پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو جنهن رتي عدالت ريماڪس ڏنو ته پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪٿي ناهي چيو ته ٽڪ ٽاڪ کي مڪمل طور بند ڪريو،اهڙيون وڊيوز ته يوٽيوب تي به اپلوڊ ٿينديون آهن، توهان توٽيوب کي به بند ڪيو، ٻنهي عدالتن جي فيصلن کي غلط استعمال ڪيو ويو، مڪينزم جو چيو هو اهو ٺاهيو، عدالت بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 23 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو