ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ خانگي بينڪ ملازمن لاڪرز ۾ پيل 5 ڪروڙ جو سون پتل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، گلستان جوهر ۾ خانگي بينڪ جي مئنيجر ٻين ملازمن سان گڏجي 5 ڪروڙ روپين جي ماليت وارن زيورن جي جڳهه تي پتل جا زيور رکي ڇڏيا، جانچ ڪرڻ کانپوءِ حقيقتون ظاهر ٿيون، ته پتل جي زيورن کي سون جو پاڻي چاڙهائي رکيو ويو هو، جڏهن ته اصل زيور گم ڪيا ويا هئا، شاهراهه فيصل ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي، جڏهن ته مئنيجر ۽ هڪ عورت سميت 8 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.
