ليکڪ: پيار علي چانڊيو
سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان ھڪ مشن ۽ ھڪ نعري واري سرڪار رھي آھي، جنھن کي عوامي مينڊيٽ حاصل رھيو آھي ۽ صوبي تي حڪومتي اختيار حاصل رھيا آھن، ملڪي آئين مطابق صوبن کي وزارتن ۾ مقرري جي پڻ خود مختياري ھوندي آھي، تازو سنڌ سرڪار ۾ وزارتن ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آھي هن کان اڳ به تبديلون ٿينديون رهيون آھن پر هينئر هڪ وڏي تبديلي وزارتن ۾ ٿي آھي، جنهن تحت ناصر حسين شاھ کان اطلاعات ۽ ٻيلي کاتي جو قلمدان واپس وٺي کيس پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو وزير بڻايو ويو آهي، جڏهن ته بلديات جو کاتو به ان وٽ هوندو، سعيد غني کي اطلاعات جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، تعليم کاتي جو قلمدان صوبائي وزير سردار شاهه کي ڏنو ويو، نواب تيمور ٽالپر کي به وزير بڻائي کيس ٻيلي کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، آبپاشي کاتو واپس وٺي ڄام خان شورو کي ذميواري ڏني وئي، پارٽي جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙو کي به ڪابينا مان فارغ ڪري کائنس ورڪس اينڊ سروسز جو کاتو واپس وٺي ضياءُ عباس شاھ حوالي ڪيو ويو، گيانچند ايسراڻي کي مينارٽي جو وزير، ساجد جوکيو، لياقت آسڪاڻي ۽ رئيس رسول بخش چانڊيو سميت ٻين کي خاص معاون بڻايو ويو ۽ اھڙي نوٽيفڪيشن نڪرڻ بعد کين وزارتي قسم پڻ کڻايو ويو آهي. سنڌ ڪابينا ۾ ڪيل مٽاسٽا سان سنڌ جي عوام تي ڪو خاص اثر نه پيو آھي ڇو ته غريب عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪري رھيا آھن،ميرٽ جي لتاڙ جاري آھي، تعليم جو بحران سنڌ ۾ چوٽ چڙھيل آھي، سنڌ جي تعليم کاتي تي روشني وجهنداسين ته تعليم کاتي کي ئي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آھي سنڌ ۾ ھن وقت ھزارين اسڪول مختلف مسئلن سبب بند پيل آھن، ٻارڙن کي وڻن ھيٺان پڙھندي ڏٺو ويو آھي، جيڪڏهن اسپتالن ڏي نظر ڪنداسين ته سرڪاري اسپتالن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي ھن وقت به ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين موجود ڪونهي، نانگ ڪکڻ جي ويڪسين موجود ڪونهي، دوائن جي کوٽ برقرار رھي ٿي، سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي آھي، ڊگري يافتا نوجوان مزدوري تي مجبور آھن ،ڪيترا ئي نوجوان ڊگريون ھوندي به ھوٽلن تي بيرا ٿي ڪمائي رھيا آھن معصوم ٻار پڙھڻ جي عمر ۾ جبري پورھيو ڪري رھيا آھن، بيروزگاري کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪري رھيا آھن، مھانگائي عروج تي آھي ھڪ مھانگائي ٻيو بيروزگاري سبب ماڻهو ذھني مريض ٿي چڪا آھن، ڏينھون ڏينھن غربت وڌندي پئي وڃي اھا غربت ايتري ته وڌي وئي آھي جو ماڻهن وٽ ” ڪفن“ لاءِ به پئسا ناھن، سنڌ ۾ سڀ کان وڏو آزار بجليءَ جو آھي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن مان ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ٿي وڃي، جڏھن ته سنڌ ۾ ڪجهه اھڙا ڳوٺ به آھن جتي بجليءَ جو نالو ئي ڪونهي ۽ انھن ڳوٺن مان اقتداري ڌر ووٽ کڻندي اچي ٿي، زرعي پاڻي کوٽ به ڪر کنيون بيٺي آھي پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري زرعي فصل تباهه ٿيڻ لڳا آهن، هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، جنهن سبب آبادگار طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي گذريل ڏھن سالن کان آبادگارن سان ويساھه گهاتيون عروج تي رھيون آھن، شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پھچي ئي نٿو، ڪابينا جي مٽاسٽا ڪندڙ سرڪار جيڪا سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رھي آھي ان کان ڪير پڇي ته سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ڇو آھي؟ جو سنڌ جي مختلف شھرن جا رھواسي پيئڻ جو پاڻي به پئسن تي خريد ڪري رھيا آھن، سنڌ جي اھڙن مسئلن جي حوالي سان اخبارون ڀريون پيون آهن، سنڌ ۾ بنيادي مسئلو ڪابينا جي ردوبدل نه پر اصل مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهن ڏانهن سنجيدگي اختيار ڪرڻ ئي آهي، ساڳيا ساڳيا چهرا ڇهين مهيني يا سال تبديل ڪرڻ سان يا وزارتن جي ڪرسين تي واري ڦيري سان ماڻهو ويهارڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، مڃون ٿا ته بجلي، گئس، دوائن جا اگهه وفاق ريگيوليٽ ڪري ٿو، اتي سنڌ حڪومت جو اختيار نه آهي، پر ڪجهه اهڙا مسئلا آهن جيڪي سنڌ حڪومت جي ٿورڙي ڌيان سان حل ٿي سگهن ٿا، جن ۾ خاص ڪري اسپتالن جي خراب حالت، ڊاڪٽرن جو ڊيوٽي تي نه اچڻ کين ويزا تي آزادي ڏئي ڇڏڻ، اسپتالن جي ايمبولينسن جي خراب حالت، اتي دوائون نه ملڻ، سنڌ ۾ اسڪولن جي خراب حالت، مسلسل اسڪول بندي، تعليم جي تباهي، استادن جا جائز مسئلا حل نه ڪرڻ سميت ٻيا اهڙا کوڙ مسئلا آهن جيڪي وفاق نه پر سنڌ حڪومت کي حل ڪرڻا آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست به هن جاءِ تي اچي وفاق ته نه ڪندو، اها صوبائي حڪومت کي ڪرڻي آهي، سنڌ جو ننڍو آبادگار ۽ هاري مسلسل زيادتين سبب زندگي کان بيزار ويٺو آهي، بااثر ۽ سگهاريون ڌريون شاخن تي جهٽا، نوليون هڻي ڊگڊگين ذريعي به پاڻي کڻي وڃن ٿيون، جڏهن ته پڇڙي جو آبادگار جيڪو ماضي ۾ شاهوڪار رهيو آهي، اهو ڏينهون ڏينهن پاڻي نه هجڻ سبب ڪنگال ٿي رهيو آهي سنڌ جي روڊن جي خراب حالت وفاق اچي نه سڌاريندو، ڇو ته اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي، سنڌ ۾ بيروزگاري مسئلو به سنڌ حڪومت کي حل ڪرڻو آهي، اهي ته ٿلها ٿلها مسئلا هئا جن کي سامهون آندو آهي، اهڙا ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي هتي وفاق جا پيدا ڪيل نه آهن پر اسان جي سستين سبب پيدا ٿيا آهن، اهي مسئلا وزارتن جي تبديلين سان ته يقينن حل نه ٿيندا، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ انهن سببن کي ختم ڪرڻو پوندو جيڪي سنڌ حڪومت جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، انهن ڪامورن ۽ آفيسرن کي ڳولڻو پوندو جيڪي بجيٽ تي هٿ صاف ڪري وڃن ٿا، سنڌ ۾ بلدياتي نظام تحت هن وقت به هر ٽائون ۽ يوسي تائين بجيٽ پهچي ٿي، ٻيو ته ٺهيو پر اتي صفائي به نٿي ڪرائي وڃي. سنڌ جا شهر گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿيل آهن، شهرن ۾ پاڻي نٿو پهچي اهو مسئلو يقينن وفاق جو نه پر صوبي جو آهي، ان ڪري اوهان ڪابينا ۾ ڀلي تبديلي ڪريو پر اهڙي تبديلي جو ثمر هيٺين سطح تي به نظر اچي، ان جو عوام کي ڪهڙو فائدو پيو آهي يا پوندو، اهو سوال ڪرڻ عام ماڻهو حق آهي، ان ڪري هاڻ اصل مسئلن طرف سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.