124

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي..؟؟

ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي

هڪ مولانا کي ورثي ۾  ٻه ويسا زمين آئي،گهر جو وڏو هجڻ جي ڪري کيس پڳ ٻڌرائي وئي، هو مسجد ۾ امامت ڪري گذر سفر ڪندو هو، کيس چار ڀائر به هئا، هر وقت پيو پنهنجن ڀائرن کي ٽوڪيندو هو، ان ڪري سڀني ڀائرن ان کان ڌار ٿيڻ ۽ زمين پنهنجي نالي تي ڪرائڻ گهري، مولانا کي چيائون ادا وڏو آهين پر هاڻ گڏيل گاڏو نه هلندو هر ڪو ڌار به ٿئي۽ اباڻي زمين جا کاتا به سڀ ڪو ڪرائي ڇڏي، مولانا کي ڪو اعتراض نه ٿيو خبر هئس ته مختيارڪار سندس امامت ۾ نماز ادا ڪندو آهي تنهن ڪري ان کي چئي ڪاغذ پٽ ٺهرائي وٺبا، اڳئين ڏينهن نماز کانپوءِ مولانا مختيارڪار کي عرض ڪيو،مختيارڪار هن کي آفيس اچڻ لاءِ چيو، آفيس جي وقت ۾ مولانا اتي پهتو ته مختيار ڪار جي آفيس جي ٻاهران ويٺل عرضي نويس پنهنجي پهرئين روزي سمجهي مولانا کي سائين سائين چئي پاڻ وٽ ويهاريو، مولانا کان حال وٺندي انهن کيس ٻڌايو ته صاحب ته اڃا آفيس ناهي آيو 11 يا 12 وڳي ايندو، پر پهرئين توکي سڀ ڪاغذ پورا ڪرڻا پوندا، درخواست کان وٺي دستاويز سڀ توکي اسان ٺاهي ڏينداسين پوءِ تون ڪوٽار سان ملندين، اتان جڏهن ڪاغذ اڳتي نڪرندا ته تپيدار سان ملندين، پوءِ آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪن سان ملڻو پوندو، ان کانپوءِ مختيارڪار پنهنجو ڪم ڪندو، ڪل ملائي هيتري رقم خرچ ٿي ويندي،مولانا جنهن جو سارو جهان مسجد هئي عرضي نويس کي ڏسي چيائين ميان مختيار ڪار منهنجي امامت ۾ نماز پڙهندو آهي، متقي آهي، پئسا آئون ڇو ڏيندس منهنجو جائز ڪم آهي، اچي ته آئون ملانس ٿو، مولانا انتظار ڪيو ڪجهه گهڙين کانپوءِ مختيارڪار لٿو عرضي نويس اٿي بيٺو، مولانا سمجهيو ته مون کي ڏسڻ سان سڃاڻيندو پر صاحب ماتحتن جي سلامن ۾ پنهنجي آفيس ۾ هليو ويو، مولانا آفيس جي پٽيوالي کي مختيارڪار سان ملائڻ لاءِ چيو، پٽيوالي کيس ويهڻ لاءِ چيو، ويهندي ويهندي هن کي ٻيو ڪلاڪ گذري ويو، ڀرسان ويٺل ڪلارڪ مولانا کي چيو ته پٽيوالي کي 50 رپيا چانهه جا ڏي ته توکي صاحب سان ملائي، مولانا پريشان ٿي ويو ته 50 رپيا ڇو ڏيان، مون کي مختيارڪار پاڻ گهرايو آهي، ته هلڪي مسڪراهٽ سان پٽيوالي چيس ٿڌو ٿي صاحب واندو ٿئي ته ملندو، تيسين نماز جو وقت ٿيو، مولانا آفيس جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويو اتي فرض جي ادئيگي کانپوءِ ڏٺائين ته مختيارڪار به نماز پڙهڻ آيو آهي، مولانا وڃي اڳ ورتس، چيائينس ته سائين صبح کان آيو آهيان پر اوهان سان ملڻ ڪير نه ٿو ڏئي، هلڪي مسڪراهٽ ۾ مختيارڪار چيس ته مون سان گڏ هلجان، مولانا جي هيڻي دل هاڻ ٻيڻي ٿي وئي ۽ دل ئي دل ۾ خيال ڪيائين ته مختيارڪار ته نهايت ئي ايماندار آهي پر سندس ماتحت بدعنوان آهن، مختيارڪار ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ مولانا کي وٺي ويو، بيل ڏئي پٽيوالي کي گهرايائين ۽ ٽهڪ ڏيندي چيائين ته ٻيلي مولانا مان به نٿا مُڙو، هيڊ ڪلارڪ کي گهرايائين، عرضي نويس کان جڏهن هيڊ ڪلارڪ هن کي ٻيڻا پئسا خرچ اچڻ جو ٻڌايو ته هو مختيارڪار کي گهوري رهيو هو ته مختيارڪار مولانا کي چيو ته سائين مون کي اوهان جي پائي به حرام آهي، باقي اهي سڀ ته پئسا وٺندا، ڪاغذ ٺهرائي صحيح ڪرائي اچ ته آئون توکي بنا لالچ جي ڪم ڪري ٿو ڏيان.ساڳي حالت وزيرن ۽ مشيرن جي به آهي جيڪي وزيراعظم کي ملڪي تاريخ جو پهريون ايماندار وزيراعظم سڏين ٿا، جڏهن ته ملڪ ۾ هر ڏينهن وڌندڙ بدعنواني ۽ مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن سندن ڪارڪردگي جي باري ۾ 100 ڏينهن پورا ٿيڻ تي ڪجهه نقادن سوال اٿاريا ته وري 6 مهينا پوءِ سال ۽ ٻن سالن ،۽ وري ٽن سالن جي وقت گذرڻ تي پنهنجي اقتدار جو دورانيو کين قليل لڳڻ لڳو آهي .ملڪ ۾ پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ جي حڪمراني تي تنقيد ڪندڙ ان تاريخ کان چڱي ريت واقف آهن ته انهن کي ته اقتدار سنڀاليندي ٻه سال به نه گذرندا هئا ته سندس تختا اونڌا ڪرڻ جون سازشون شروع ٿي وينديون هيون ۽ انهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بدران جيل ڀيڙو يا ملڪ بدر ڪيو ويندو هو، خير هن وقت راوي مطابق قوي امڪان آهي ته تحريڪ انصاف جي اقتدار کي طول بخشرايو وڃي ڇو ته عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالهه وڌي پئي وڃي ته عمران خان کان سواءِ ٻي ڪا ”چوائس“ نه آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم کانسواءِ سڀ بدعنوان ۽ حڪمراني جي صلاحيتن  کان آجا آهن. ان لاءِ اقتدار جي ايڪسٽينشن ٿيڻ جا خواب عوام کي هن وقت ئي ڏيکاريا پيا وڃن. ”ايڪسٽينشن “ لفظ جو سنڌي ٻولي ۾ آئون ڪو متبادل نه ٿو سمجهان، خير چونڊن واري سليڪشن ۾ ته اڃا ٻه سال آهن .تيستائين اسان کي گهٻرائڻ جي اجازت ناهي، وزيراعظم عمران خان موجب جڏهن ملڪ ۾ حڪمران بدعنوان هوندا آهن ته مهانگائي ڪر کڻندي آهي ۽ عوام حڪمرانن جو وزن ڍوئيندو آهي، عمران خان کي اباڻي ملڪيت ۾ نه ڪو لوهه جو ڪاروبار مليو هو نه ئي وري ڪا جاگير هئي، نه ئي بلاول ڀٽو زرداري جيان ڪنهن سر شاهنواز جي پوٽي ۽ سردار حاڪم خان زرداري جي اڪيلي پٽ جي خاندان ۾ ڄائو هو، وزيراعظم عمران خان جو گهر  کان وٺي مهانگين گاڏين جي پيٽرول تائين جو خرچ سندسن مداح ۽ محسن دوست ڪندا رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان کي سندس سياست ۽ ورلڊ ڪپ جي ڪري جهانگير ترين، خسرو بختيار،نديم بابر ،عليم خان ۽ رزاق دائود جهڙا پرستار ۽ سياسي اڳواڻ مليا جن عمران خان جي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي ڪڏهن به پرواهه ناهي ڪئي،تابش گوهر،حماد اظهر، حفيظ شيخ ۽ شوڪت ترين جهڙن اڪابرن جو ذڪر نه ڪرڻ پڻ زيادتي ٿيندي، ملڪ جيڪڏهن قرضن ۾ ٻڏل نه هجي ته وزيراعظم ڪشڪول کڻي ملڪي تاريخ جو اڌ قرض جيترو قرض پنهنجي مختصر اقتدار جي مدي ۾ نه کڻي ها، ايل پي جي جو معاملو هجي يا کڻي ملڪ گير بجلي جي لوڊشيدنگ جو مسئلو سڀ پوئين حڪومتن جي ناقص پاليسين جي ڪري آهن، تحريڪ انصاف کي سخت فيصلا وٺڻا پيا، ملڪ ۾ کنڊ جي وافر مقدار جي موجودگي  ۾ بحران ۽ جهانگير ترين کي بدنام ڪرڻ توڙي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڪمزوز ڪرڻ جون سازشون هيون، مڙني سازشن  کي صادق ۽ امين ملڪ جي وزيراعظم عمران خان بلڪل احسن طريقن سان منهن ڏنو، کنڊ اسڪينڊل ۾ پنهنجي دوست جي قرباني ڏيئي ڇڏي ۽ دوائن واري اسڪينڊل ۾ نالو ايندڙ دوست کي پارٽي جو عهدو ڏئي سرڪاري عهدي تان قرباني وٺي ڇڏي، ائين ئي وزيراعظم پنهنجي عهد تي قائم رهيو هن ڪنهن به بدعنوان کي پنهنجي عهدن تي رهڻ جي بخشش نه ڏني،  جيڪڏهن عوام کي پئٽرول 120 رپيا لٽر ۽ کنڊ 110 رپيا ڪلو ملي رهي آهي يا ڏينهون ڏينهن بي روزگاري وڌي رهي آهي ته انهن حالتن جو  اوهان وزيراعظم جي ذات تي الزام يا  ڪنهن به قسم جي بدعنواني جو نه ٿا چئي سگهو ، وزيراعظم عمران خان جنهن کي تاريخ سان تمام گهڻي دلچسپي آهي هن جي مطالعي موجب وطن عزيز دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي، ملڪ ۾ هر ڪم کي بگاڙڻ واري مافيا آهي جيڪا اقتدار ۾ اچي ادارن کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ پنهنجن مفادن تحت فيصلا ڪرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو