ليکڪ: نياز مسرور بدوي
پاڪستان پيپلز پارٽي واحد عوامي پارٽي آهي، جنهن پنهنجي حڪومتي دورن ۾ سرڪاري ملازمن جي مراعاتن ۾ ڪافي واڌارو ڪيو آهي، جن سرڪاري ملازمن کي سفري الائونس يعني ڪنوينس الائونس نه ملندو هو، ۽ جيڪو فقط وڏن شهرن يعني ڊويزنل هيڊڪوارٽرن جھڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد بعد ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سرڪاري ملازمن کي ملندو هو، پر پ پ پ ٻين ضلعن جي سرڪاري ملازمن کي به بنا ڪنهن فرق جي اهو الائونس ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ سندن بنيادي پگھارن ۾ به مهانگائي جي تناسب سان هائوس رينٽ، ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيا ايڊهاڪ الائونس ڏيئي گھڻو واڌارو ڪيو آهي، انهيءَ حقيقت کان ڪوبه سنڌ حڪومت جو ملازم انڪار نه ٿو ڪري سگھي ان کان سواءِ پاڪستان جي قومي بجيٽ ۾ ملازمن جي وڌايل پگھارن جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت ايڊهاڪ الائونسن ۾ پڻ وڌيڪ واڌارو ڪري پنهنجي عوامي هجڻ جو ثبوت پيش ڪيو آهي،ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن وقت به سياسي ۽ عوامي مينڊينٽ پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي، خاص طور تي سنڌ جي اندر کيس مليل عوامي راءِ کي اڄ به مڃيو وڃي ٿو ۽ سنڌ اندر گذريل 13 سالن کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت قائم آهي،ماضيءَ ۾ قومي ۽ صوبائي حڪومتن پنهنجي پنهنجي صوبي جي سرڪاري ملازمن جي فلاح ۽ بهبود جي ڪارڻ پاڪستان اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني آف پاڪستان/ پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني آف پاڪستان سان هڪ گڏيل معاهدو ڪيو هو، جنهن جي هڪ شق اها هئي ته ملازمن جي پگھارن مان گروپ انشورنس جو هر مهيني گريڊ وائيز مختلف پريميم ڪٽيو ويندو هو ۽ سرڪاري ملازمن جي سروس دوران يا رٽائرمينٽ جي ٻن سالن اندر فوتگيءَ جي صورت ۾ کين اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني آف پاڪستان/پاڪستان پوسٽل لائيف انشورنس آف پاڪستان جي طرفان خاص رقم ادا ڪئي ويندي اها ايڪسرسائيز هلندي رهي، تازو سنڌ حڪومت ٻيهر پاڪستان اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني آف پاڪستان سان نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ فوتگيءَ جي مدي ۾ واڌارو ڪري ان کي پنج سال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان کان اڳ اها حد ٻن سالن يعني تقريباً ٻاهٺ سال هئي. ان کي وڌائي 65 سال ڪيو ويو آهي ۽ ملازمن جي پگھارن مان گروپ انشورنس جي پريميم جي ڪٽوتيءَ ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ فوت ٿي وڃڻ جي صورت ۾ امائونٽ به ڪجھه سرس رکيو ويو آهي، گذريل ڪيترن سالن کان وٺي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا سرڪاري ملازم گروپ انشورنس بابت مختلف وقتن تي آواز اٿاريندا رهيا آهن ۽ صوبائي حڪومتن آڏو دانهيندا رهيا آهن، ان کان سواءِ صوبائي حڪومت جي ڪجھه ملازمن پنهنجي صوبي جي هاءِ ڪورٽن سان رجوع ڪيو ۽ پنهنجي ڳالهه دليلن سان پنهنجي حق ۾ ثابت ڪري، گروپ انشورنس حاصل ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي ناڻي کاتي 26 جون 2012ع تي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري پنهنجي صوبائي ملازمن کي گروپ انشورنس جو حق ڏنو،انهيءَ ڪاميابي سان ڪي پي ڪي جي سرڪاري ملازمن پڻ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو. ڪورٽ سڳوري 03 نومبر 2016ع تي ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ ڪي پي ڪي ان فيصلي آمنه صدقنا ڪيو ۽ پنهنجي ملازمن کي پڻ گروپ انشورنس جو حقدار قرار ڏئي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کان پروفارم گھرائي ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين 2016ع کان انشورنس جو حق ڏنو آهي پنجاب حڪومت جي ڪجھه ملازمن معيز ۽ ٻين 17 ڄڻن ۽ ان کان سواءِ ٻين کاتن جي ملازمن به ڪورٽ سڳورين ۽ صوبائي حڪومتن جي فيصلي کي ڏسندي هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ سان رجوع ڪيو ۽ گروپ انشورنس جي سلسلي ۾ مذڪوره ڪورٽ سڳوري ۽ صوبائي حڪومتن جي ڏنل فيصلن جون ڪاپيون خدمت ۾ رکيون، تن جي جواب ۾ محمد احسان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٻڌڻي وقت پيش ٿيو ۽ ڪورٽ سڳوريءَ کي ٻڌايائين ته پنجاب حڪومت سان رٽائرمينٽ جي وقت جو معاهدو نه پر فوت ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ادائيگيءَ جو معاهدو ٿيل آهي، ڪورٽ سڳوري ان سڄي معاملي کي ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجيون سفارشون ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ پاليسي جي قاعدن کي تبديل ڪيو وڃي ۽ گھربل قانوني سازي ڪئي وڃي ته جيئن ملازمن کي رٽائرمينٽ وقت گروپ انشورنس جا پيسا ملن، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني آهي ۽ وٽس ايترا اثاثا آهن، جو چوڻ وارا چون پيا ته هر ڪلاڪ ۾ تقريباً اڍائي ڪروڙ رپيا ڪمپنيءَ جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي بجيٽ برابر وٽس اثاثا آهن، سندن لاءِ سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس جا پيسا ڏيڻ ڪو مسئلو ئي نه آهي، ڪمپنيءَ وٽ تقريباً ان پاليسيءَ جي مد ۾ شايد 200 کرب رپيا موجود آهن ۽ ان پاليسي جو نالو لائيف سيونگ پاليسي آهي، ڪجھه وقت اڳ ايم ڪيو ايم جي هڪ ايم پي اي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪندي، سنڌ اسيمبليءَ اندر گروپ انشورنس وارو بل يا قرارداد پيش ڪئي هئي جنهن جو اڃا تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي، سرڪاري ملازمن جي فقط هڪڙي اها ننڍڙي گُهرَ آهي ته کين جيئري ئي گروپ انشورنس جا پيسا ڏنا وڃن جيڪو سندن حق آهي، جيئن ته پ پ هڪ قومي عوامي پارٽي آهي، وٽس قوم جي ڀلائيءَ ۽ حڪومت ڪرڻ جو اختيار به آهي سنڌ حڪومت کي التماس آهي ته ننڍڙن سرڪاري ملازمن جي اها دانهن ورنائي وڃي ته جيئن سندس عوامي قومي پارٽي وارو اميج برقرار رهي اميد آهي ته سرڪار پنهنجي وسان ڪين گھٽائيندي.