110

قاضي خضر حيات: ٻئي جهان جو شخص….!!!

ليکڪ: مٺل جسڪاڻي

قاضي خضر حيات جڏھن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ اچي ذميواريون سنڀاليون ھيون، ته آئون اتي اسسٽنٽ پروفيسر طور فرائض انجام ڏيڻ سان گڏ، اضافي طور يونيورسٽي لاءِ پي آر او جو ڪم به ڪندو ھئس. انھن ئي ڏينھن ۾ مون ٻُڌو ھو، ته ڪو قاضي انجنيئر آھي جنھن کي يونيورسٽي ۾ پي ڊي مقرر ڪيو ويو آھي. ھر ماڻھو جو، ڪم ڪرڻ جو پنھنجو طريقو آھي، اسان ٻئي پنھنجي پنھنجي ڪم سان، ڪڏھن ڪڏھن ساڳئي ھنڌ به ھوندا ھئاسين. ذھن تي زور ڏنم  ته ياد آيو ته ھڪ ٻه ڀيرو اسان وي سي جي آفيس ۾ ھڪ ٻئي کي ڏٺو ھو. پي آر او ھجڻ سبب توڙي جو اسان جي پاڻ ۾ دعا سلام ۽ ملاقاتون به ٿيڻ گهرجن ھا پر اھو ضروري به نه ھو، ڇاڪاڻ ته اسان به ٻين وانگر ئي، پنھنجي پنھنجي طبيعت وارا پنھنجو پنھنجو ڪم پنھنجي پنھنجي طريقي سان ڪندا رھياسين، اسان جنھن جنھن ڪم لاءِ مقرر ھئاسين، اھو پي ڊي يا پي آر او مستقل عھدا ھجڻ باوجود اسان کي عارضي طور مليل ھئا، اسان جون پاڻ ۾ ملاقاتون گهٽ ٿيڻ جو شايد اھم سبب به اھو ھو، ڇاڪاڻ ته اسان آفيسرس ايسوسيئيشن جا ميمبر نه پئي ٿي سگهياسين، نه ئي ميمبر ھئاسين، اسان کي ھڪ ٻئي جو ووٽر به ٿيڻو نه ھو، ٻيو اھڙو ڪو به سبب نه ھو جنھن ڪري اسان جون ملاقاتون لازمي ٿين ھا، ھونئن به منھنجي تربيت ڪجهه اھڙي ٿيل آھي طبيعت ڪجهه اھڙي آھي، ماڻھن وٽ بنا سبب نه ويندو آھيان، ملڻ لاءِ نه صرف موقعا نه تاڙيندو آھيان پر پاڻمرادو ملندڙ موقعن جھڙوڪ عيد وغيرہ تي به ڪنھن سان ملڻ، مون کان نه پڄندو آھي. شايد قاضي خضر حيات به ائين ئي پنھنجي طبيعت وارو ھو، ان ڪري جيئن مون کي ٻيا پي ڊي نظر ايندا رھيا آھن، قاضي خضر زرعي يونيورسٽي ۾ ٻين پي ڊيز وانگر نه رھيو، علمي ادبي حوالي سان، قاضي خضر حيات جي ڪٽنب مان قاضي عبدالحئي قائل ۽ قاضي مقصود گل کي مون پڙھيو به ھو، انھن بابت ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ذڪر نڪتو، ته ٻڌو به ھو پر قاضي خضر سان زرعي يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پھرين ڪا ڏيٺ ويٺ ڪا ٻڌ سڌ نه ھئي ان ڪري به يونيورسٽي ۾ اسان جي اوچتي ۽ اتفاقي ملاقات ئي رھي نه ڪو تعارف ٿيو نه ئي ويجهڙائي رھي،  وقت گذرڻ سان ماڻھو جون ترجيحات تبديل ٿينديون آھن. جڏھن منھنجون ترجيحات تبديل ٿيون. سوشل ميڊيا ميدان ۾ لٿو منھنجي اولاد منھنجي لاءِ فيس بوڪ کي مثبت مصروفيت محسوس ڪيو. فيس بوڪ تي پھتس ته نوان رابطا، نوان واسطا ٿيا، پريتم قاضي سان فاصلاتي رابطا ٿيا، پريتم سوکڙي طور ڪتاب موڪليا، ائين معاملا اڳتي وڌيا، لڳ ڀڳ پنج سال اڳ، 2017ع ۾ نواب شاھه ۾ هڪ يادگار علمي ادبي تقريب ٿي، ھلندي تقريب ۾ پھتس تقريب گل ٿيندي ئي نڪري آيس ان دوران قاضي خضر جو ماڻھن سان ملڻ ڳالھائڻ، مون سان ملاقات، وري ڪو سال ڏيڍ گذريو ته مئي 2019ع ۾ ڪنھن ڪم سان نواب شاھه وڃڻ ٿيو، پريتم سان رابطو ٿيڻ ان جو ملڻ لاءِ اچڻ ۽ پوءِ گڏجي سڪندر آرٽ گيلري پھچڻ، جون جو گرم مھينو ٽاڪ منجهند، ماڻھن جي آرام جو وقت، اسان… ۽ قاضي خضر جو به سڪندر آرٽ گيلري ۾ اچڻ، وقت ڏيڻ، دل کولي، بنا حجاب حال احوال ڏيڻ وٺڻ، بجلي نه ھجڻ باوجود، پيرسن شخص موڪلائڻ تائين گڏ گڏ، يادگيري ٿي اچي ته حيرت ٿي ٿئي، پاڻ وٽ اھڙيون شخصيتون به آھن! اسان جي ملاقات کي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو پريتم قاضي رابطو ڪيو ٻڌايائين. چيائين ته قاضي خضر حيات جي آتم ڪٿا ”جهاڳيو مون جھان“ جو مسودو ٽپال وسيلي مليو لفظ لفظ پڙھيم مھاڳ لکي موڪليم آتم ڪٿا ڇپجي وئي مھورت تقريب ۾ پھچي نه سگهيس سبب ھوندي به ھڪ ٻئي ڏانھن اچڻ وڃڻ نه ٿيو، ملاقاتون نه ٿيون پر ”جهاڳيو مون جھان“ ۾ جيڪو ڪجهه به آھي، لفظ به لفظ پڙھيل ھر تصوير ڏٺل اٿم، قاضي خضر حيات جي وڇوڙي جو اطلاع مليو آخري ديدار ته ڇا، تڏي تي به هيءَ ٻه اکر لکڻ تائين اڃا نه وڃي سگهيو آھيان، ٻين کي صرف وڇوڙي جو ڏک آھي مون کي آخري ديدار نه ٿيڻ، پريتم سان ڳل لائي تعزيت نه ڪرڻ جو ڏک آھي، پھرين صحت لاءِ پوءِ مغفرت لاءِ دعائون ڪندو رھيو آھيان، ڇاڪاڻ ته قاضي خضر ھڪ عملي انسان ھو. علم ھن پرايو ھو. ھنر ھن سکيو ھو. سکڻ جي لاءِ ھن وٽ عمر ۽ سماجي حيثيت جي ڪا اھميت نه ھئي، قاضي خضر اھڙو ڪجهه ڪرڻ چاھيو جيڪو صرف سندس حصي ۾ ڳڻجي،  ھن پنھنجي حصي ۾ گهڻا ڪم ڳڻايا آھن ھن پنھنجا اڻ مٽ نشان گهڻا چٽيا آھن، منھنجي لکڻ نه لکڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. قاضي خضر ڪير، ڪيئن، ڪھڙو، ڇا ھو؟ ۽ اھڙن ٻين گهڻن سوالن جا جواب جنھن جنھن جا به ڪن ۽ اکيون کليل انھن کي جواب ملي چڪا جيڪو جيڪو به معلوم ڪرڻ چاھي ڪن ۽ اکيون کولي. ھونئن به جن جا ڪن ۽ اکيون کليل ھونديون آھن، اھي نه صرف معلوم ڪري سگهندا آھن پر ٻين لاءِ معلومات جو ذريعو به بڻبا آھن. قاضي خضر به مختلف ذريعا استعمال ڪري معلومات ورتي به گهڻي معلومات ڏني به گهڻي ڏسڻو اھو آھي ته ٻيا ڇا ٿا ڪن، ڇا ٿا ٿين، يادگيري لاءِ ڇا ٿا ڇڏين؟ ڪي ويجها ئي ڏور ڪي ڏور به اوڏا سپرين! (شاھه) قاضي خضر حيات ڏور هوندي به ويجهو هو سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري ڏور هوندي به ويجهو رهندو، منهنجي نظر ۾ گهڻ رخي شخصيت قاضي خضر حيات پنهنجي جهان جو شخص ئي نه هو هو ڪنهن ٻئي جهان جو شخص هو!.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو