93

رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو ۽ پنجاب ۾ وڌندڙ انتهاپسندي..

ايڊيٽوريل

رحيم يار خان ۾ 4 ڏينهن اڳ هڪڙي معصوم ٻار جي معمولي ڳالهه تان سرعام مندر تي حملو ڪري جهڙي طريقي سان مورتين ۽ مندر جي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي آهي، ان سان سڄي ملڪ جي اميج کي نقصان رسيو آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان سڄي معاملي تي جڏهن سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ان کانپوءِ حڪمران پڻ جاڳيا آهن ۽ وزيراعظم پڻ نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اهڙي عمل خلاف قرارداد پڻ منظور ڪئي وئي آهي، گذريل ڏينهن چيف جسٽس گلزار احمد خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ آءِ جي پنجاب انعام غني، چيف سيڪريٽري ۽ اي اي جي پيش ٿيا، چيف جسٽس آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مندر تي حملو ٿيو انتظاميا ۽ پوليس ڇا ڪري رهي هئي، جنهن تي آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته اي سي ۽ اي ايس پي موقعي تي موجود هئا، انتظاميا جي ترجيح مندر جي ڀرپاسي ۾ 70 هندو گهرن جو تحفظ ڪرڻ هو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڊي سي ۽ ڊي پي او ڪم نٿا ڪري سگهن ته کين فارغ ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته هڪ 8 سالن جي ٻار جي ڪري واقعو پيش آيو، 8 سالن جي ٻار کي مذهب جي ڪهڙي خبر، واقعي سان سڄي دنيا جي بدنامي ٿي ۽ پوليس تماشو ڏسڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، پڇا ڪرڻ تي آءِ جي ٻڌايو ته حملي ڪيس ۾ ڪا به گرفتاري ناهي ٿي، جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم پنهنجو ڪم جاري رکي، اسان ڪيس جو قانوني پهلو ڏنداسين، جسٽس قاضي امين چيو ته پوليس پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، چيف جسٽس چيو ته ٽن ڏينهن کان هڪ به جوابدار ناهي پڪڙيو، جنهن تي جسٽس قاصي امين چيو ته پوءِ پوليس جوابدارن جي ضمانت ۽ صلح ڪرائيندي ۽ سرڪاري پئسي سان وري مندر ٺهرائي ڇڏيندي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوليس جي ندامت ڏسي لڳي ٿو ته ان ۾ اهو جوش ۽ ولولو نه آهي، جيڪڏهن پروفيشنل ماڻهو هجن ها ته هن وقت تائين معاملو حل ٿي چڪو هجي ها، مندر ڪيرايو ويو، هندو برادري جي دل تي ڇا گذريو هوندو، سوچيو جيڪڏهن مسجد ڪيرائي وڃي ته مسلمانن جو درعمل ڇا هجي ها؟ عدالت واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ جوابدار فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مندر جي بحالي لاءِ جوابدارن کان پئسا وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ عدالت شرپسندي جي اهڙي عمل لاءِ ماڻهن کي همٿائيندڙن خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي قائد اها خاطري ڏني هئي ته هتي اقليتون محفوظ رهنديون ۽ آئين ۾ به انهن کي تحفظ مليل آهي، جڏهن پاڪستان جهڙي ملڪ اندر ڪجهه شرپسند اهڙيون ڪارروايون ڪن ٿا ته ان جو سڌو سنئون اثر پاڙيسري ملڪ ڀارت جي مسلمانن تي پوي ٿو ۽ اتي ظلم ۽ جبر اڃا به وڌي وڃي ٿو، آءِ جي پنجاب جي عدالت ۾ بيان مان لڳي ٿو ته پوليس مندر کي بچائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جيڪا بهرحال پنجاب پوليس جي ناڪامي آهي، اسان مندر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ انهن کي قرار واقعي سزا ڏيڻ جي گهر ڪندي اهو به چئون ٿا ته اڳتي اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن ۽ ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري ۽ رواداري واري قائم فضا کي برقرار رکيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو