130

50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ هاڻي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مهرباني ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو