125

آمريڪا ۾ روزانو هڪ لک کان وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هاڻي ڪورونا وائرس جا روزانو اٽڪل هڪ لک نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.رپورٽ مطابق جون جي پڄاڻي تي ڪورونا وائرس جو روزانو انگ 11 هزار هو جيڪو هاڻي وڌي هڪ لک 7  هزار 143 ٿي ويو آهي. عملدارن مطابق ڪورونا وائرس جي وبا خاص ڪري ملڪ جي ڏاکڻين حصن ۾ ڦهلجي رهي آهي. واضح رهي ته آمريڪا جي 70 سيڪڙو بالغ آبادي ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين لڳرائي چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو