اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪ فضائيه اسان جو فخر آهي ۽ ان جي ڪمان مضبوط هٿن ۾ آهي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهر احمد بابر سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان موقعي تي پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيتن، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته جوانن ۽ آفيسرن جي پيشه واراني مهارت، عزم ۽ حوصلي کي ڏسي خوشي ٿي آهي.
