نيويارڪ / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون قرار ڏيڻ جي ڀارت ۽ افغانستان جي الزامن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث کان پوءِ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سلامتي ڪونسل ۾ پاڪستان کي پنهنجو مقوف پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏيڻ سبب آگسٽ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي سربراهي ڪندڙ ڀارت تي ڇتي تنقيد ڪئي. هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ باضابطا طور تي درخواست به ڏني هئي، تنهن باوجود انڪار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي ڀارتي صدارت ۾ انصاف جي ڪا به اميد نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جو افغانستان جي صورتحال تي مڪمل بيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي موڪليو ويندو. هن پاڪستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن بابت الزامن کي رد ڪيو ۽ چيو ته اهي الزام سرسر ڪوڙ تي ٻڌل آهن. منير اڪرم عالمي برادري تي زور ڀريو ته القاعده، داعش ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ايسٽ ترڪمنستان اسلامڪ موومينٽ کي ڪنهن به ملڪ تي حملن لاءِ افغان سر زمين جي استعمال کي روڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته دهشتگردي افغانستان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن خاص ڪري پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان کي جمعيت الاحرار ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان کي ڪنهن ٽئين ملڪ طرفان ملندڙ امداد تي خاص طور تي وڏي ڳڻتي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان هميشه افغانستان جي سياسي حل تي زور ڀريو آهي ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سيڪيورٽي جي بحالي جو اهو واحد رستو آهي. ٻي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ڪي پي ڪي ۾ داسو ڊيم واري علائقي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعي ۾ 9 چينين ۽ 3 پاڪستانين جي قتل واري دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، متاثر خاندانن ۽ پاڪستان حڪومت سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل طرفان پرڏيهي آفيس کي موڪليل خط ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ 9 چيني ۽ 3 پاڪستاني شهرين جي قتل ٿيڻ ۽ ٻين جي زخمي ٿيڻ جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ته سلامتي ڪونسل جا ميمبر هر قسم جي دهشتگردي کي عالمي امن لاءِ خطرو سمجهن ٿا. دهشتگردي ۾ ملوث سڀني جوابدارن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردي چاهي ڪنهن به جذبي يا مقصد لاءِ ٿئي اها قبول نه آهي، ميمبر رياستون گڏيل قومن جي منشور، عالمي ۽ انساني همدردي جي قانونن مطابق دهشتگردي جو مقابلو ڪن. سلامتي ڪائونسل ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطري جو ڪارڻ ٿيندڙ ڪارروائين جي تدارڪ لاءِ سڀئي ميمبر ملڪ ڪردار ادا ڪن. ٻي پاسي اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري والاريل جمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان جي موقف جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان جمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي موقف جي توثيق ٿي وئي آهي. اهو بيان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته والاريل جمون ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جو موقف برقرار آهي ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. هن چيو ته اهو بيان صحيح وقت تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي 2 سال ٿي چڪا آهن. جيڪا گڏيل قومن جي چارٽر، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ترجمان چيو ته ان بيان گڏيل قومن ۾ ڀارت جي جمون ڪشمير بابت مستقل نمائندي جي ڪوڙين دعوائن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه هو ۽ نه ئي ٿيندو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جا ڪيترائي ٺهراءُ موجود آهن، ته رياست ڄمون ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڪيو ويندو. جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ جمهوري طريقي سان آزاد ۽ غيرجانبدار ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو.
