اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 23 ارب رپين جي بيقاعدگين جو انڪشاف، ججن به رقم ورتي.آڊيٽر جنرل آف پاڪستان آڊٽ رپورٽ 21-2020 جاري ڪري ڪندي وڏي ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو آهي، رپورٽ موجب 23 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ گهرڀاتين کي غير قانوني ادا ڪئي وئي، رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجن ملازمن کان رڳو 9 لک رپيا برآمد ڪيا، ٻي رقم پڻ هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گريڊ هڪ کان 20 تائين 55 هزار 383 ملازمن ۽ پينشرن کي وڏي رقم ادا ڪئي وئي هئي. جڏهن ته 2019ع ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي 6 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي. آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته 4 ججن سڌو سنئون مجموعي طور تي 6 لک 90 هزار رپيا بي آءِ ايس پي مان وصول ڪيا. جڏهن ته گريڊ 20 جي 8 آفيسرن جي پنهنجي ۽ فيملي جي نالي تي 8 لک 31 هزار رقم وصول ڪئي. سنڌ جي 56 هزار ملازمن 6 ارب 74 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا. اڃا تائين انهن ملازمن پاران رقم وصول ناهي ڪئي انتظاميا رڳو پنهنجن آفيسرن کان 90 لک رپيا وصول ڪيا آهن.
