121

ڪراچي ۾ نينگري زيادتي ڪيس ۾جوابدار جو وڌيڪ رمانڊ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ماڊل ڪالوني ۾ 11ورهين جي ٻارڙي سان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ميڊيڪل جي شاگرد جوابدار دانيال کي سومر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪري رمانڊ گهرڻ تي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس پاران ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ماڊل ڪالوني ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي ڪئي آهي جنهن جي خلاف ٻارڙي جي والدين پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جنهن کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو