فائرنگ 100

تقريب ۾ مهمانن سان گڏ ويٺو هئس، مبشر تي ويجهي کان فائر ڪيو: جوابدار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس ۾  پنجاب جي نامزد وزير اسد کوکر جي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، شروعات جاچ دوران هن ٻڌايو ته  تقريب ۾ مهمانن سان گڏ ويٺو هئس، مبشر تي ويجهي کان فائر ڪيو، سوا 8 وڳي شادي هال ۾ آيس، سيڪيورٽي وارن چيڪ ئي نه ڪيو هو، جيئن ئي وڏو وزير گاڏيءَ ۾ ويٺو ته اڳيان وڌي مبشر تي فائرنگ ڪئي، جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته مبشر کوکر ۽ سندس ڀاءُ منهنجي ڀاءُ ۽ چاچي جي قتل ۾ ملوث هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو