128

عمران خان انٽرويو ۾ مطمئن ٿيڻ تي عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم بڻايو: ذريعا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خانگي ٽي وي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان انٽرويو ۾ مطمئن ٿيڻ تي عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم بڻايو آهي، ذريعن موجب عبدالقيوم نيازي  ۽ ٻين کان ڪشمير مسئلي جي حل ۽ ٻين مسئلن بابت سوال پڇيا ويا،  عبدالقيوم نيازي، وزيراعظم عمران خان کي پڪ ڏياري ته هو سندس ويزن تي عملدرآمد ڪري ڏيکاريندو، جنهن کان مطمئن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو