128

ڪراچي شهر جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  ڪراچي شهر جي بهتريءَ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، شهر ۾ ڪورونا سبب لڳايل ڪجهه پابندين ۾ نرميءَ جو امڪان آهي ۽ ڪجهه برقرار رهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ويڪسينيشن سينٽر جو افتتاح  ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.مرتضي وهاب ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته هو  ڪوشش ڪري رهيا آهن ته عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون وڃن. سندس چوڻ هو ته صحافين جي سهولت لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.صحافين کي اپيل ڪيان ٿو ته اهي ويڪسينيشن ڪرائن.  هوڏانهن مرتضيٰ وهاب ملير ڊملوٽي روڊ جو دورو ڪيو، وڏي وزير جو خاص مددگار سلمان عبدالله مراد  ساڻس گڏ هو ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب اسڪيم جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪراچي جي مختلف ضلعن  ۾ نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڊملوٽي پُل جي ٺهڻ سان  ميمڻ ڳوٺ کان سپر هاءِ وي تائين ملير جي ٻهراڙي جي ڳوٺن جا علائقا ايم 9 موٽروي سان ملي ويندا جنهن سان ملير جي ٻهراڙي جي عوام کي زبردست سهولت ۽ فائدو ٿيندو، مرتضيٰ وهاب چيو ته ڊملوٽي روڊ ٺهڻ سان ايئر پورٽ، ماڊل ڪالوني، ملير ڪينٽ جي علائقن جي ماڻهن کي پڻ ايم 9 موٽروي پهچڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ۽ نجي بئنڪ طرفان گڏيل ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ بيهجي وئي آهي، موبائل سمون بند ڪرڻ جو چيو سين ته ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ آيا، گذريل ڏينهن اسان هڪ لک 60 هزار ويڪسين هنئي سين، پراميد آهيان ته ويڪسين لڳرائيندڙن جو انگ اڃا وڌندو. هن چيو ته حڪومت عوام جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اين سي او سي اجلاس جي حساب سان 9 آگسٽ کان نئون نوٽيفڪيشن اچي ويندو، ڪراچي ۾ ڪجهه پابندين ۾ نرمي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه برقرار رهنديون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مخالفت تي نه ڪم تي يقين رکان ٿو، ڪراچي ۾ هاڪاري ۽ تعميري ڪم ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو