150

ٿر جي صحرا مان اڀرندڙ نئون آواز….

ليکڪ: خانزادي ڪپري

هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ سنڌ ۾ شاهه ڀٽائي جي سُر ساز ۽ راڳ جو عنصر موجود آهي، سنڌ اها زرخيز ڌرتي آهي، جنهن ۾ هر دور ۾ سنڌي قوم کي شاعر، اديب، محقق، قانون دان ۽ بهترين راڳي مليا آهن، انهن سنڌ جي سونهن، سڀيتا، خوشي، درد ۽ فراق کي لکيو ۽ ڳايو آهي، انهن جي تخليق جي حسناڪين جا رنگ سنڌ جي فطري خوبصورتي جو مظهر آهن، انهن رنگن ۾ هڪڙو رنگ ٿر به آهي، جتي ڀٽن جي هنج ۾ تخليق مورن جيان رقص ڪري ٿي، هرڻين جي ڇالن وانگر ڇال ڏئي ٿي، انهي خوبصورت ٿر جي هن دل لڀائيندڙ چوماسي چري مند ۾ جتي فطرت جا نوان رنگ نکري نروار ٿي رهيا آهن، اتي موهن ڀڳت، مراد فقير، مائي ڀاڳي، صادق فقير، رجب فقير، شنڪر ڀڳت ۽ نوجوان نزاڪت فقير جهڙن سدا ملوڪ سهڻن ٿري راڳين جي راڳ جا آلاپ اڄ به دنيا ۾ گونجن ٿا، انهن سرن ۾ اڄ ٿر جي اڀرندڙ فنڪاره شڪيلا نون جي آواز جي اڏام سندس تخليقي ڏات جي گواهي آهي،

ڀلي ڄائي ماروي، جنهن مارو ملهايا،

ٿر جي خوبصورت ڳائڪ شڪيلا نون، جو تعلق ٿر جي ڳوٺ ”سينگاريو نون“ سان آهي جيڪو تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ واقعي آهي، شڪيلا جو والد پرائمري اسڪول جو استاد آهي، سندس 4 ڀينرون آهن، پاڻ ٻارهين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس، شڪيلا کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان وٺي هو، هوءَ پنهنجي گهر ۾ ڪلام جهونگاريندي هئي، سندن چوڻ هو ته ”پڙهائي دوران اسڪول ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو وٺندي هئس، قومي ترانو، حمد ۽ نعت ڳائيندي هيس، آهستي آهستي وڌيڪ موسيقي ۾ دلچسپي وڌندي وئي ائين باقائده ڳائڻ لڳيس“ هن وقت شڪيلا نون جو هڪڙو ڪلام سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وائرل ٿيو آهي، جيڪو هن جي خوبصورت آواز جي شاهدي ڏي ٿو جنهن جا ٻول آهن ته دلڪش هر منظر آ، ڄڻ سارو سونهن نگر آ، اهڙو منهنجو ٿر آ، هن ڪلام جو شاعر ارشاد ڀٽي آهي، شڪيلا نون سکيا ورتل فنڪاره ڪونهي، تنهن باوجود هن واهه جو نڀاءُ ڪيو آهي، شڪيلا نون جو وڌيڪ چوڻ آهي ”مان پنهنجي بابا کان به سکيا وٺي رهي آهيان، سوشل ميڊيا وارن انٽرويوز ڪيا آهن، مون کي وڏي عزت ۽ پذيرائي ملي آهي“، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ ملڪي سطح تي مختلف فورمن ۽ ٽي وي چئنلز تي فن جو مظاهرو ڪرڻ جي خواهش آهي، هن اپيل ڪندي چيو ته منهنجي وڌيڪ سکيا ۽ موقعو ڏيڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي ته جيئن آئون پنهنجي آواز ذريعي ٿر، سنڌ ڌرتي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهان، شڪيلا جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس مزاحمتي انقلابي شاعري ڳائڻ جو شوق آهي، مون کي موسيقي سان وڌيڪ لڳاءُ انڪري به آهي جو ترڪي ۾ 288 ڏينهن بک هڙتال تي ويٺل هيلن بولڪ جنهن پنهنجي آواز راڳ فن کي هڪ مقام ڏيڻ ٿي چاهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ پنهنجي فن کي هڪ جدا ۽ منفرد قسم جي افاديت ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي شهيد ٿي وئي، مون ۾ خود اعتمادي انهي کانپوءِ وڌي ۽ هاڻي مان پنهنجي ٽئلينٽ کي ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيان ٿي، جيڪڏهن هيلن پنهنجي فن لاءِ جدوجهد ڪري سگهي ٿي ته مان ڇو نه ٿي ڪري سگهان؟ هيلن موسيقي تان قربان ٿي وئي، هيلن هر سُر ۽ راڳ ۾ زنده آهي ۽ هميشه رهندي، هيلن هر ڳائڪ جي سر ۽ آلاپ ۾ رهندي، جيستائين موسيقي ۽ آواز رهندو تيستائين هيلن دنيا ۾ رهندي، موسيقي روح جي غذا آهي، انساني اندروني ڪيفيتن جو اظهار آهي، شڪيلا جو چوڻ هو ته منهنجي سنڌ ثقافت کاتي کي اپيل آهي ته منهنجي سپورٽ ڪئي وڃي ته جئين مان ڪنهن وڏي سطع تي ڪنهن پليٽ فارم تي اچي پنهنجي فن کي متعارف ڪرائي سگهان، شڪيلا نون جو تعلق پٺتي پيل علائقي ٿر سان آهي، ٿر علم، ادب، شاعري، تهذيب، ثقافت ۽ ڳائڪي ۾ شاهوڪار خطو آهي، سنڌ هونئن به تخليق جي ماءُ آهي بس رڳو تخليقڪارن کي موقعو ملڻ گهرجي، حڪومت اهڙن ڪردارن جي مدد ڪري ۽ حوصلا افزائي ڪري ته جيئن اهي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي وڌائي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو