98

ڇا پي ٽي آءِ سنڌ ۾ جاءِ ٺاهي سگهندي…!؟

ليکڪ: محمد اسماعيل لانگاهه

ڪافي ڏينهن کان سنڌ اندر پي ٽي آءِ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي وڌندي نظر اچي پئي، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هجڻ جي ڪري وفاقي سرڪار اليڪشن کانپوءِ پنهنجي اتحادين کي ايتري عزت ۽ اهميت نه ڏني جيتري هاڻ ڏني پئي وڃي، ڪشمير چونڊن ۾ ڪاميابي بعد وزير اعظم پاران سنڌ ۾ سياسي دلچسپي کي وڏي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي، گذريل اڍائي ورهين کان وزير اعظم سنڌ جي مسئلن کي ايتري ترجيح سان نه ڏٺو جيترو هاڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي، سنڌ ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊيل ميمبر ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا ايم پي ايز به سندن وفاقي سرڪار جو حصو آهن پر مختلف وقتن تي تلخ ڪلاميون، ناراضگيون به ٿينديون رهيون اجلاس به ڪيا ويا وزير اعظم عمران خان تائين شڪايتون به پهچايون ويون ته هڪ طرف پ پ اسان سان سنڌ ۾ صحيح نه پئي هلي ۽ ٻئي طرف اوهان اسانجي اتحاد ۽ عزت جو قدر ناهي ڪيو، تازو وزيراعظم سنڌ ۾ سياسي دلچسپي وڌائي ڇڏي آهي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ هن ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي مسئلن تي خاص معاون مقرر ڪري پارٽي کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن، وزير اعظم جي ڏنل هدايتن بعد پهرين مرحلي ۾ ارباب غلام رحيم پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ لياقت جتوئي سان ملاقات ڪئي جتي خدشا ختم ڪرڻ ۽ وزير اعظم جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو، لياقت جتوئي مختلف حڪومتن ۾ سنڌ توڙي وفاقي وزارتن جو حصو به رهيو آهي 2018 ع واري اليڪشن ۾هن پي ٽي آءِ جو دادو ضلعي ۾ تاريخي جلسو ڪرايو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي سموري اعليٰ قيادت موجود هئي جتي عمران خان دادو ضلعي جي عوام ۽ لياقت جتوئي کي شاباس ڏني، چوندا آهن ته سياست وڏي بي رحم شي آهي، جيڪا صرف مفادن تائين محدود هجي ٿي، تحريڪ انصاف لياقت جتوئي کي سنڌ ۾ صرف استعمال ڪرڻ لاءِ اڳيان ڪيو پر شڪست ملڻ تي هن لياقت جتوئي جي مالڪي به نه ڪئي، جڏهن ته دادو ضلعي جي ٻن قومي ۽ چار صوبائي اسيمبلي سيٽن تان پي ٽي آءِ اميدوارن کي شڪست ملي ته لياقت جتوئي سميت ٻين ميمبرن عدالت تائين ڌانڌلين جا ڪيس ڪيا، پر پي ٽي آءِ قيادت طرفان سنجيده سپورٽ نه ملڻ تي ڪيس کٽڻ ۾ ناڪام ويا، ايئن مايوسي سبب لياقت جتوئي ۽ سندس ساٿي پي ٽي آءِ قيادت کان پاسيرا ٿي ويا ڪُجهه پ پ ۾ هليا ويا ڪُجهه ڇڏي ويا ۽ مختلف پريس ڪانفرنسن ۾ لياقت جتوئي واضع چيو ته عمران خان کي سنڌ سان ڪابه دلچسپي ڪانهي عمران خان وزير اعظم ٿيڻ باوجود سنڌ جي عوام لاءِ ڪو خاص پيڪيج به نه ڏئي سگهيو، وزير اعظم جي سنڌ جي اتحادين سان ناروا سلوڪ تي جي ڊي اي اتحادين ڪافي گڏجاڻين اجلاسن ۾ دانهون ۽ شڪايتون ڪيون پر کين ڪجهه به نه مليو، وزيراعظم هوندي عمران خان ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ويتر اهو چيو ته سنڌ اسان جو نه بلڪ پ پ جو صوبوآهي يعني صوبي ۾ پ پ جي حڪمراني آهي مسئلن جي ذميوار خود پ پ آهي ۽ هن وقت پي ٽي آءِ قيادت ۽ وزير اعظم جي دلچسپي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي چٽو موقف ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ملڪ ۾ بلدياتي چونڊن وارو ماحول جُڙڻ وارو آهي پر وفاق ان حوالي سان آزاد آهي سنڌ جو عوام ڄاڻي پ پ ڄاڻي جڏهن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي والار جو معاملو کڙو ٿيو ته جي ڊي اي ميمبرن کليل موقف پيش ڪيو ايتري قدر جو اتحاد ڇڏڻ جو به چتاءُ ڏنو، تازو جڏهن وزير اعظم سنڌ ۾ سياسي دلچسپي جو اظهار ڪيو ته سڀ کان پهرين ڏنگي ڀنڊار ٻيٽن تان وفاقي قبضو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو هڪ لڪل راز ٿي سگهي ٿو، ان حوالي سان ڪافي اڳڪٿيون به ڪيون پيون وڃن ته وفاق سنڌ جي عوام کي مفاد وقت ڇو ٿو ياد ڪري؟ سنڌ جيڪو پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ڏيندڙ صوبو آهي جنهن تي گذريل تيرنهن ورهين کان پ پ سرڪار برسر اقتدار ۾ آهي جنهن صوبي مان ڪمايل ناڻي مان چار آنا به سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ عوام تي خرچ ناهن ڪيا ويا، هڪ طرف عوام ۾ بيچيني آهي ۽ عوام کي مطمئن ڪرڻ ۽ مخالف ڌُر جي سرگرمين کي تڪڙو منهن ڏيڻ لاءِ پ پ سرڪار سنڌ ڪابينا ۾ وڏيون تبديليون ڪيون آهن، ڇو ته ملڪ اندر هن وقت سياسي ماحول ۾ گرما گرمي شروع ٿي وئي آهي، ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم هروز گورنر راڄ واري مطالبي جو راڳ الاپي رهي آهي ۽ پ پ قيادت تي هر وقت نظرانداز ڪرڻ جا الزام پڻ هڻندي رهي آهي، ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي اتحادي رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي موجوده سرگرمين تي سندن اتحادي ضرور حيران آهن، ڪورونا وبا جي معاملي ۾ سنڌ جي عوام چٽو موقف ڏنو آهي ته پ پ سرڪار وفاق واري ڪاوڙ سنڌ جي عوام مان نه ڪڍي ۽ تازو لاڪ ڊائون واري آرڊر کي به عوام ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ وفاق پڻ سخت مخالفت ڪئي، وفاقي سطح تي وزيراعظم طرفان سنڌ صوبي کي خاص پيڪيج ڏيڻ، بدامني، ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف تاريخي فيصلي تي به سنڌ جي عوام جي هڪ اميد جاڳائي وڌي آهي، سنڌ ۾ هڪ ته ترقياتي ڪم بلڪل ٺُپ ٿي ويا آهن ٻئي طرف ڏوهن ۾واڌ ٿي آهي، هفتو پهرين ان حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ پوليس کي فري هينڊ ڏيڻ بدران بااثر سردارن معرفت قبائلي تڪرارنبيرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ناممڪن ۽ عمل نه ٿيڻ جوڳو فيصلو آهي، سنڌ پوليس ۽ سردار، ڀوتار سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا سڀ ساڳي ڳالهه آهن ته پوءِ امن جي حوالي سان فيصلن جو اعلان اجايو هوندو، ترقياتي ڪمن جي حوالي سنڌ جا شهري توڙي ٻهراڙي وارا بلڪل نظر انداز آهن، هاڻي ڪابينا ميمبرن ۽ وزارتن ۾ تبديلين سان عوام جي قسمت تبديل ٿيڻ ناممڪن آهي، اهڙو فيصلو صرف پي ٽي آءِ جي سرگرمين جي خوف کان ڪيو ويو، پ پ لاءِ وقت ته ڏُکيو ايندو نظر اچي پيو پنهنجي 13 ورهين جي ڪارڪردگي ايندڙ اڍائي سالن ۾ ٺيڪ ڪرڻ انتهائي ڏُکيو هوندو، پي ٽي آءِ اندروني طور پ پ کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪري پئي پر ارباب رحيم ۽ لياقت جتوئي ڪي اهڙا مهرا ناهن جن تي سنڌ جو عوام ڀروسو ڪري، ايندڙ قومي يا بلدياتي اليڪشن ۾ گهڻو ڪُجهه ٿيڻ وارو آهي جيڪو سڀني لاءِ چئلينج ۽ امتحان ٿي سگهي ٿو ڏسون ٿا ته نتيجا ڪهڙا ٿا نڪرن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو