108

افغانستان ڇڪتاڻ پاڪستان کي ماضي ۾ ڌڪي سگهي ٿي

ليکڪ: مليحا لوڌي

افغانستان ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي، هڪ ڊگهي جنگ جيڪا گهرو ويڙهه طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي چئلينجن جو سبب بڻجندي، اهڙي خدشي جو اظهار وزيراعظم عمران به آمريڪي ٽي وي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڏنو، سندس چوڻ هو ته حالتون اهڙيون ئي رهيون ته اها ملڪ لاءِ انتهائي خراب صورتحال هوندي، پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال جو افغانستان سان سڌو لاڳاپو هوندو آهي، پاڪستان جي پاڙي ۾ جاري ڇڪتاڻ ملڪ کي ٻيهر انهن خطرن ۾ وجهي ڇڏيندي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان وڏو جاني نقصان کنيو ۽ سخت معاشي ۽ سماجي اثر برداشت ڪيا، 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پاڪستان افغانستان ۾ هلندڙ ويڙهه ۽ پرڏيهي ملڪي فوجي مداخلت جي قيمت ادا ڪئي آهي، جنهن جو سڌو اثر پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ معاشي ترقي تي ٿيو، انهن اثرن جي سڀني کي خبر آهي ۽ انهن کي هتي ورجائڻ ضروري نه آهي، اولهندي سرحد تي وڌيڪ ڇڪتاڻ جو مطلب اهو هوندو ته ملڪ کي هڪ ئي وقت انهن اندروني، علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪي هن ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا.اها صورتحال ماضي ۾ موٽڻ جهڙي هوندي، جنهن ۾ جيڪڏهن افغانستان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي ته ۽ سرحدي علائقن تائين پهچي وڃي ته پاڪستان جي سلامتي کي خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ان خطري کي گهٽائڻ لاءِ سرحد جي وڏي حصي تي تارون لڳائي ڇڏيون آهن گڏوگڏ سرحد پار ڪرڻ وارا غيرقانوني رستا به بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سرحدي چوڪين ۾ واڌ ڪرڻ کانسواءِ فرنٽيئر ڪور جي صلاحيتن ۾ به واڌ ڪئي آهي، ان کانسواءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيت کي بهتر ڪيو آهي. ٽيڪنيڪل نگراني ۾ بهتري آندي آهي ۽ باقاعده فوج کي به مقرر ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي قدم ضروري ته آهن پر هڪ ڊگهي سرحد ۽ جابلو علائقي جي ڪري سرحد تي غيرقانوني اچ وڃ کي مڪمل طور روڪڻ شايد ممڪن نه ٿي سگهي، سرحد پار ڇڪتاڻ واري صورتحال دهشتگرد گروپن کي به اتان ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، ان ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو ته تحريڪ طالبان پاڪستان مان آهي، جنهن جا ساڍا 6 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ موجود آهن ۽ اتان کان سرحد پار حملا ڪن ٿا. ٽي ٽي پي ۾ اتحاد کانپوءِ ان جي صلاحيت وڌيڪ وڌي ويندي، پابندين تي نظر رکندڙ گڏيل قومن جي ٽيم طرفان جاري ڪيل تازي رپورٽ مطابق مختلف ڌڙن جي پاڻ ۾ ملي وڃڻ سان ٽي ٽي پي وڌيڪ مضبوط ٿي چڪي آهي، افغان طالبان سان  ٽي ٽي پي جو تعلق برقرار آهي ۽ ان امر کان پاڪستان جا سيڪيورٽي عملدار به آگاهه آهن، ٽي ٽي پي جي اڳواڻ نور ولي محسود سي اين اين کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته سندن گروهه پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندو ۽ ان جو مقصد سرحدي علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري انهن کي آزاد ڪرائڻ آهي، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب تازن مهينن ۾ پاڪستاني اهلڪارن کي ٿيندڙ جاني نقصان ۾ به واڌ ٿي آهي، مئي جي مهيني کان هن وقت تائين ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جا 167 واقعا ٿيا آهن. افغانستان ۾ موجود گروهه پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق القاعده جي قيادت جو هڪ وڏو حصو پاڪ-افغان جي سرحد ڀرسان آهي ۽ داعش خرسان به نه صرف متحرڪ آهي پر خطرناڪ به آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن پاڙي ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي ٿي ته دهشتگردن جا سليپر سيل ٻيهر متحرڪ ٿي سگهن ٿا، بلوچستان  به غير ملڪي حساس ادارن جي اثر وارن گروهن طرفان دهشتگرداڻين ڪاررواين ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. ائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سخت قربانين کانپوءِ حاصل ڪيل پاڪستان جون ڪاميابيون ضايع ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويندا. وزيراعظم عمران خان پي بي ايس کي ڏنل انٽرويو ۾ واضح طور چيو آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو مطلب پاڪستان ۾ دهشتگردي آهي، ان کانسواءِ ملڪ ۾ موجود انتهاپسند طالبان جي ڪاميابين کي ڏسندي ٻيهر متحرڪ ٿي سگهن ٿا، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو هڪ نتيجو پاڪستان ۾ نون مهاجرن جي اچڻ جي صورت ۾ به نڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان 30 لک افغان مهاجر اڳ ئي موجود آهن ۽ عملدارن جو اندازو آهي ته گهرو ويڙهه جي صورت ۾ وڌيڪ 5 کان 7 لک مهاجر پاڪستان جو رخ ڪري سگهن ٿا، سرحد تي موثر ڪنٽرول جي قدمن کانسواءِ حڪومت سرحدي علائقن ۾ ڪئمپون قائم ڪرڻ جو به ارادو رکي  ٿي ته جيئن مهاجرن کي ملڪ جي اندروني علائقن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، هتي ايراني ماڊل اختيار ڪري سگهجي ٿو يا نه، ان بابت بحث ٿي سگهي ٿو. افغان مهاجرن لاءِ ”ايڪسٽرنلي ڊسپليسڊ افغانز“ وارو اصطلاح استعمال ڪرڻ سان ان جي حوالي سان ملندڙ عالمي امداد بند ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان جو تعلق ان جي مهاجر هجڻ جي حيثيت سان هوندو آهي، اهڙي طرح ورلڊ بئنڪ کان ملندڙ امداد به خطري ۾پئجي سگهي ٿي.وري هڪ اهڙي معاشي نقصان جو خطرو به موجود آهي، جنهن کي پاڪستان ماضي ۾ منهن ڏئي چڪو آهي، ملڪ جي معيشت جنهن نازڪ حالت ۾ آهي، ان کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته افغانستان ۾ امڪاني گهرو ويڙهه پاڪستان لاءِ ترقي ۽ سرمائيڪاري جي موقعن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ ائين پاڪستان عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو ۽ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري واپار ۽ سرمائيڪار ۾ به گهٽتائي ايندي. ماضي قريب اهو به ٻڌائي ٿو ته 9 سيپٽمبر کانپوءِ جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ ملڪ جي گهٽين تائين اچي وئي هئي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو معاشي نقصان کڻڻو پيو هو، ان کانسواءِ اها گهرو ويڙهه ماضي وانگر پراڪسي جنگ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي، فرق ايترو هوندو ته هيءَ جنگ ماضي جي نسبت وڌيڪ خطرناڪ هوندي ۽ گهڻن ملڪن کي متاثر ڪندي، خاص ڪري انهن ملڪن کي جيڪي اڳ ئي پنهنجو دفاع مضبوط بڻائي رهيا آهن. افغانستان جا پاڙيسري ملڪ جڏهن پنهنجي مفادن جي تحفظ جي ڪوشش ڪندا ته صورتحال 1990ع واري ڏهاڪي ۾ روسي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندي. افغانستان ۾ غير ملڪي ويڙهاڪن ۽ عالمي گروهن جي موجودگي جي ڪري ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻ وڌيڪ ملڪن کي سيڪيورٽي خدشا لاحق هوندا. انهن گروهن ۾ ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ، داعش، ازبڪستان اسلامڪ موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ ظاهر آهي ته القاعده به شامل آهن. ان ڳالهه جو خطرو به موجود آهي ته شام ۾ موجود ويڙهاڪ به هن خطي ۾ اچي سگهن ٿا، هڪ پراڪسي جنگ هن خطي ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هي هڪ خطرناڪ صورتحال معلوم ٿئي ٿي پر اهو اندازو افغانستان جي حوالي سان بدترين صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳايو ويو آهي. اها صورتحال ان طرح جي نتيجي کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي عالمي سفارتي ڪوششن جي ضرورت کي واضح ڪري ٿي، هاڻ به اهڙين ڪوششن جي شروعات ڪري سگهجي ٿي پر بهرحال افغانن کي درپيش ڊگهي مشڪلات جي خاتمي لاءِ ڏکي سوديبازي ڪرڻ جو بار افغان ڌرين تي ئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو