119

زاهد راڄپر جي ناول جو تفصيلي جائزو

ليکڪ: محبوب سنڌي

زاهد راڄپر جو هي ناول ”دهشتگرد“ آتم ڪٿائي بيانيا انداز ۾ ٻڌايل ماضي قريب جي تاريخ جو چٽو ڪيل چهرو آهي، ناول جي ٽائيٽل پيج تي نالو ”دهشتگرد“ پڙهڻ کان پوءِ لازمن پڙهندڙن جو ذهن پهريان طالبان دهشتگرن ڏانهن لاڙو کائيندو، جن جنت مثل سنڌ کي خونخوار ڪاروايون ڪندي دوزخ بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي، يا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين جا لاشا ڏيندڙ ان تنظيم جي ڪارڪن ڏانهن ويندو جيڪي قاتل هوندي به حڪومت جو حصو رهيا ۽ آهن، پر هن ناول جو پڌر ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي رهزن ڪارواين تي ٻڌل ناهي، هن ڪهاڻي جو پلاٽ  پوليس گردي، سچن ۽ ڪوڙن صحافين جي ورتائن ۽ آفيسر شاهي توڙي ڀوتارن جي ظالماڻن ڪردارن  تي ٻڌل آهي،جتي سچ لکڻ تي صحافي سرمد مٿان دهشتگردي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪري دهشتگرد ڏيکاريو ٿو وڃي،ناول جي واقعن تي ڳالهائڻ کان پهريان جي وڏي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته ناول جو هيرو صحافي سرمد خود هن ناول جو ليکڪ ”زاهد راجپر“ آهي جيڪو هن ڀوڳنائن جي پيڙا واري گهاڻي جو متاثر ٿيل فرد آهي، ناول جي ڌرتي ٻن اهم واقعن تي آڌاريل آهي هڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ واري جڙيل صورتحال جنهن ۾ ڀڃ ڊاھ،ڦر لٽ ۽ سرڪاري عمارتون سڙن ٿيون، بعد ۾ اهڙن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿين ٿا اهڙو گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول جي بلڊنگ کي باهه ڏئي ساڙڻ جو ڪيس صحافي سرمد مٿان سچ لکڻ ۽ سرڪاري ڪامورن جي پت وائکي ڪرڻ واري ڏوهه ۾ داخل ڪيو ٿو وڃي، ٻيو واقعو صحافي سرمد جي صحافت واري شروعاتي دور 5 جنوري 1996ع  ۾ ڊي سي خلاف هڪ سچي خبر هلائڻ تي ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ گرفتاري آهي. الميو اهو نظر ٿو اچي صحافي سرمد جي گرفتاري دوران ساڻس گڏ موجود صحافي دوست هن کي  اڪيلو ڇڏي پاڻ بچائي نڪري وڃن ٿا. سچ اهو آهي ته هنن ٻن واقعن جي پسمنظر ۾ بيٺل هي افسانوي فڪشن  کوڙ سارين ڳجهين حقيقن جو بيانو آهي ۽ خود صحافين جي لڏي تي به ڇتي تنقيد آهي، ڇو جو هن ۾ ٻهروپي ۽ ويڪائو صحافين جي پت پڻ وائکي ڪئي وئي آهي. ناول جون هي سٽون حساس پڙهندڙ جي دل کي ڏاري رکنديون جڏهن هڪ مظلوم جي آهه ۽ دانهن ٻڌندي پريس ڪلب جو سيڪريٽري چوڻ لڳو ”چاچا پوليس خلاف خبر آهي ۽ خبر اٿئي پوليس آهي به ڏنگي پر ان هوندي به توهان جي ضرور مدد ڪبي ۽ ڪل ملائي 10 هزار رپيا خرچ ايندو، پئسا جمع ڪرايو ته توهان جو بيان اخبارن ڏانهن موڪليون (ص 70)“. هي ته هو ويڪائو صحافين جو چهرو اصل ته ليکڪ جو هن پوڙهي کان ڳالهرايل جملو ڏيل ڏڪائي ٿو وجهي ته ”ابا جيڪو ڪجهه هو سو پوليس کڻي وئي هاڻي گهر وڃان ۽ ڏسان ته ڪو من وڇ يا پاڏو بچيو هجي ته کپائي کڻي اچان“ پوڙهي جي اهڙي جواب تي سيڪريٽري مايوس ٿيندي وڃڻ لاءِ چوي ٿو ۽ پوڙهي جو ڳالهايل جملو وڏي ڪٿا بيان ڪري وڃي ٿو ”ها ابا وڃان ٿو هي به اسان لاءِ ڪو ٻيو ٿاڻو آهي (ص 70)“ جتي پريس ڪلب ٿاڻن جو ڏيک ڏين جتي پيٽ گذر ڪندڙ جڳاڙي صحافي خبرون کپائن اُتي اهڙن پريس ڪلبن ۾ سچي صحافي جي ميمبرشپ تاحيات ختم ڪئي ويندي آهي. صحافي سرمد جي گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڏايل پريس ڪلب جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جي جملي مان پسي سگهجي ٿو ”توهان پاڻ ۾ نه ڪاوڙجو مون اڪثر ميمبرن جي راءِ ورتي آهي ۽ انهن جو احترام ڪندي مان سرمد جي پريس ڪلب مان ميمبر شپ ختم  ڪيان ٿو(ص 72)“ اهڙو فيصلو ڏيڻ کانپوءِ صحافي اها خوش خبري ٻڌائڻ لاءِ ڊي سي هائوس تي پهچن ٿا پر ائين به ناهي جو سڀ جا سڀ صحافي لفافي جي پويان ڊوڙندا هجن، هن ناول ۾ ڏيکاريل مهيش ڪمار، چاچي اسحاق مڱرئي ۽ قاسم جهڙا بيباڪ بي ڊپا سچ جو ساٿ ڏيندڙ صحافي به ملن ٿا جيڪي ڌڌڪارين ٿا. ناول جي هي سٽ پڙهو ”نه ايس پي صاحب ان وقت تائين چانهه حرام آهي جيستائين اسان سرمد کي نه ٿا ڏسون (ص65)“ يا جڏهن مهيش ڪمار ڏانهن ايس پي هٿ وڌائي ٿو ته هو چوي ٿو ته ”اسان توهان سان هٿ ملائڻ لاءِ نه آيا آهيون اسان کي سرمد جو لاش کپي، جنهن کي توهان ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آھي (ص 63)“ هي سچ بي ڊپن صحافين جواحتجاج آهي جيڪو ليکڪ ڏيکاريو آهي. صحافي سرمد کي جيل جي سختي منجهائي ضرور وجهي ٿي پر ٿڪائي نه ٿي سگهي ڇو ته لطيف جو فڪر سندس واهرو ٿي همٿائي ٿو. پريشاني حالت ۾ سندس مطالعو ڪيل ڪتابن جا ڪردار به هن جي اتساهه جو سبب بڻجن ٿا جئين فلسطيني ناري ليلي’ خالد جي ڪهاڻي يا سختي ۽ بک واري حالت ۾ هن کي نٽ همسن جي ناول ”بک“ جو ڪردار ياد پوي ٿو. بهرحال ڪتابن سان دوستي ٿاڻي جهڙي زندان جي سختي ۾ صحافي سرمد لاءِ همت ۽ حوصلي جو سبب بڻجي ٿي. ناول ”دهشتگرد“ جتي پنهنجي فني ۽ فڪري بيهڪ سان نمايان ۽ نرالو لڳو بيٺو آهي اُتي ٿوريون گهڻيون اُوڻايون به نظر مان ضرور گذرن ٿيون، جيئن ايم آر ڊي جي يادگيري بيان ڪندي ليکڪ هڪ ڌرڻي کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها گئس جي استعمال تي ليکڪ لکيو آهي ته ”اُهي شيل جي تابش کان بچڻ لاءِ آلو رومال منهن کي ويڙهي رهيا هئا“ اتي ليکڪ لفظ ”تابش“ جو استعمال عمل ۾ آندو آهي، جڏهن ته هن جملي ۾ تابش جي جاءِ تي لفظ عذاب  استعمال ٿئي ها ته بهتر هو، ڇو ته محبوب جي سونهن جي جلا لاءِ عاشق لفظ تابش جو استعمال ڪتب آڻيندا آهن. صحافي سرمد کي ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڏيکاريو آهي، ڪيس هلڻ دوران ليکڪ جج کان ڳالهرائيندي چورايو آهي ته توتي فريادي احمد علي مينهن ڦر ڪرڻ جو سڌو ڪيس داخل ڪرايو آهي، اڳتي هلي ليکڪ  ڏيکاريو  آهي ته مسٽر غلام نبي سامهون بيٺل جوابدار کي سڃاڻي ٿو، جنهن تي اوهان ٻڪري چوري ڪرڻ ۽ توکي ڌڪ هڻي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته مٿي فريادي علي احمد ڏيکاريل آهي ۽ هتي فريادي غلام نبي ليکڪ کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته داخل ٿيندڙ ڪيس جي فرسٽ اصل ڪاپي اصل ڪيس پيپرن سان گڏ لڳل هوندي آهي جيڪا جج صاحبان لاءِ هوندي آهي، ان ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ٿيندي آهي، ٻئي هنڌ ليکڪ ڏيکاريو آهي ته ڪورٽ سڳوري جو بيلف صحافي سرمد وٽ وارنٽ کڻي ٿو اچي جڏهن ته وارنث جي تعميل پروسزز سيل جو سپاهي ڪندو آهي جيڪو حد جي ٿاڻي طرفان مقرر ٿيل هوندو آهي، اهي ٿوريون مشاهدي جون چڪون هن ناول ۾ نظر اچن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو