ليکڪ: علي حسن رند
ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي آبادگارن ۽ هارين جو شايد پاڻي جي گهر وارو آواز ڪنهن جي به ڪنن تائين ناهي پهتو سنڌو دريا هه ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي سمورا واهه ۽ چينل پاڻي سان ڀريا پيا آهن پر بلڙي شاهه ڪريم جي گاجا واهه سب ڊويزن مان نڪرندڙ شورڪي واهه، کرياڙي شاخ ۽ ڊهٽ سميت ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، منڍ ۾ ته پاڻي آهي پر ٽيل ۽ پوڇڙ جي علائقن ۾ پاڻي ڇو نٿو پهچي ان جو سبب اهو آهي ته منڍ جا بااثر زميندار ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان پوڇڙ جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي ناجائز دڪا لڳائي، لفٽ مشنون، ڇاٻون، ڪٽون هڻي ۽ ناجائز واٽر ڪورس لڳائي زبردستي کنيو ٿا وڃن، ڪافي دفعا آبادگارن ڌرڻا هنيا آهن احتجاج ڪيا آهن آفيسرن سميت سياسي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن وٽ پنهنجي حقن خاطر ويا آهن پر ڪٿان به سندن حق نه ملي سگهيو آهي، منڍ جا بااثر زميندار جيڪي هزارين ايڪڙن جا مالڪ آهن انهن کي ڪا به پرواهه ناهي، ملڪتين سان مالا مال آهن، انهن جون سموريون زمينون آباد آهن ۽ پوڇڙ جا آبادگار جن وٽ صرف چار يا ٽي ايڪڙ زمين جا آهن اهي ويچارا پاڻي لپ لاءِ پريشان آهن، پوڇڙ جا آبادگار ٻيو ته فصل پوکي نه سگهيا آهن پر هن وقت ساريالو فصل پوکڻ جي مند آهي جيڪو پاڻي نه ملڻ ڪري اڃان تائين نه پوکي سگهيا آهن، جن غريب آبادگارن ۽ هارين ساريالو ٻج پوکيو سو به پاڻي نه ملڻ ڪري سڙي سڪي ويو، آبادگارن ويچارن قرض کڻي ٻج وٺي پوکيا پنهنجي ٻچن جي پيٽ لاءِ وڏا جتن ڪيا، انهي آسري تي ته هو هن سارين مان پيٽ جي بک اجهائيندا پر بااثر زميندارن سميت ايريگيشن وارن سندن اهو حق به کسي ورتو، پاڻي انسان جو جياپو آهي پر هتي غريب ماڻهو پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا هڻي ٿڪجي پيا آهن پر ڪنهن کي به سندن احساس ناهي، پوڇڙ جي علائقن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري زمينون سڪي ٺوٺ ٿي چڪيون آهن، چوپائي مال لاءِ به پئيڻ جو پاڻي ناهي، اهڙي صورتحال هجڻ جي باوجود هنن غريب آبادگارن جون ڪير به رڙيون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڊهٽ شاخ جي پوڇڙ ۾ ته 20 سالن کان پاڻي نٿو پهچي، جتي ڪافي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن اتي جا رهواسي مزدوريون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، زمين جا مالڪ به مزدوريون پيا ڪن، هن کان وڌيڪ سماج جي بي حسي ڇا چئجي؟ کرياڙي شاخ، شورڪي واهه ۽ ڊهٽ شاخ جي منڍ ۾ هن وقت به بااثر زميندارن جون ڇاٻون، ڪٽون، پليون، لفٽ مشنون ۽ ناجائز دڪا لڳل آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، پئسي جي لالڇ ۾ سڀني چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، پوڇڙ جي آبادگارن جو اهڙوحال ڏسي هر ڪو رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙي، پر جاگيردارن کي ڪو به احساس ناهي، امير ماڻهو غريب هارين جا حق غضب ڪري پنهنجن اولادن کي خوش رکيو ويٺا آهن، غريبن جا ٻار هڪ ويلي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهن، تازو ڪجهه ڏينهن پهرين پوڇڙ جي آبادگار ۽ غريب مسڪين هاري پنهنجي حق خاطر ۽ پاڻي جي حاصلات لاءِ روڊن تي آيا ڌرڻو هنيو، احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن تي پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر نوٽيس وٺي ايس ڊي او ايريگيشن کي ناجائز لڳل لفٽ مشينون، ڇاٻون ۽ دڪا هٽائي پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ جون هدايتون ڪيون، پر پ پ اڳواڻ جون هدايتون ته ويون هوا ۾ اڏي ۽ ٿيو ائين جو عملدار فارملٽي پوري ڪري ڪجهه لفٽ مشنون هٽرايون ۽ ڇاٻون ڪڍرايون ۽ وري اهو پاڻي چوري وارو عمل شروع ٿي ويو، نه پوڇڙ ۾ پاڻي پهتو نه غريب آبادگار فصل پوکي سگهيا ۽ نه وري آبادگارن سان انصاف ٿيو جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته پوڇڙ جا آبادگار ڪڏهن به سک جو ساه نه کڻي سگهندا ۽ بااثر زميندارن ۽ ايريگيشن وارن جون ناجائزيون بند نه ٿي سگهنديون سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پوڇڙ جي آبادگارن سان ٿيندڙ اهڙي ظلم جو فوري نوٽيس وٺي جيئن غريب آبادگار ۽ غريب مسڪين هاري پنهنجي زندگي بهتر نموني سان گذاري سگهن.