106

ڪنب ۾ تذليل جو شڪار بڻيل ٻارڙن سان انصاف ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

ڪنب ڀرسان ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ موبائيل فون چوريءَ جي الزام هيٺ ٽن معصوم ٻارڙن سان بااثر ۽ انسانيت جي ويري جوابدارن جيڪا تذليل ڪئي آهي اها انسانيت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. رپورٽون آهن ته ڳوٺ جي ٽن ٻارڙن دانش، سهراب ۽ حبدار شيخ مٿان بااثرن افتخار احمد، مزمل ۽ وقار شيخ فون چوريءَ جي الزام هيٺ اوطاق تي آڻي نه رڳو تشدد ڪيو پر نينگرن جي تذليل ڪري مٿا به ڪوڙيا ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري ويهڪ واري جاءِ تي مرچ وجهي سندن جسم کي جهير به ڏنا ويا. اهڙي وحشت ناڪ تشدد دوران ٻارڙا دانهون ڪندا رهيا پر سندن دانهن جو درمان ڪرڻ بدران اهڙي ڪڌي عمل جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي وئي، جيڪا هزارين ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ اهڙي وڊيو کانپوءِ سخت ردعمل سامهون اچڻ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪنب پوليس ٻئي ڏينهن تي 7 جوابدارن اختيار شيخ، وقار شيخ، نبي بخش شيخ ۽ ٻين مٿان سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻارڙن مٿان مبينا طور گهر مان چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هڻي ٻن نينگرن سهراب ۽ دانش کي ڪپڙن کان آجو ڪري اڌ مٿو ڪوڙي ويهڪ واري هنڌ مرچ وجهي تذليل ڪرڻ بعد سندن وڊيو به رڪارڊ ڪئي وئي، واقعي خلاف ڪنب ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ اظهر سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاج پڻ ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جو هي ڪو پهريون واقعو نه آهي، اڳ به ڪيترائي ٻارڙا، نوجوان ۽ پيرسن بااثرن جي اهڙي تذليل جو شڪار بڻجي چڪا آهن. خود خيرپور ضلعي اندر احمدپور ۽ اڪري چودڳيءَ ۾ اهڙا ڪيس ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ وقفي وقفي سان اهڙا ڪيس سامهون اچن ٿا، جن جا عوامي ردعمل يا وقتي دٻاءَ طور ڪيس به داخل ٿين ٿا ۽ جوابدار گرفتار پڻ ڪيا وڃن ٿا پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن هڪ واقعي ۾ به انصاف جون تقاضائون پوريون ڪندي جوابدارن کي سزا ناهي ڏياري وئي. ڪجهه ڏينهن جي ماٺ کانپوءِ خاموشيءَ سان خود پوليس ئي اهڙن واقعن ۾ راڄوڻي ڪرائي متاثرن کي ڪجهه پئسا ڏياري ۽ ڪجهه پاڻ کڻي معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏي ٿي. نتيجي طور اهڙا بااثر اهو سمجهن ٿا ته هنن وٽ پئسي جي طاقت آهي ان ڪري کين ڪجهه به نه ٿيندو ۽ وري ڪجهه وقت کانپوءِ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه نظر اچن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته اهڙن واقعن کي انعام تائين پهچائڻ گهرجي ۽ جيڪي به ڌريون يا بااثر اهڙن عملن ۾ ملوث آهن انهن کي قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي، ڇو ته سزا ۽ جزا جو تصور ته اسان جي مذهب ۾ پڻ آهي. ان ڪري جيستائين اهڙن جوابدارن کي سزا نه ملندي تيستائين اهڙا واقعا رڪجڻ ناممڪن آهن. اسان ان ڏس ۾ خيرپور ضلعي جي باضمير وڪيلن کي به گذارش ڪنداسين ته جهڙي نموني سان انهن ٻين معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي اهڙي ئي نموني سان اهي ان قسم جي تذليل جي واقعن جا ڪيس مفت ۾ وڙهن ۽ جوابدارن کي قانون مطابق سزا ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن، ڇو ته هيءُ سماج اسان جي گڏيل ذميواري آهي، جيڪڏهن ان جي خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان مجموعي سوچ آڌار اڳتي نه وڌنداسين ۽ عملي قدم نه کڻنداسين ته اهڙن بااثرن جو ايندڙ شڪار اسان جا ٻچڙا به ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو