114

سمارٽ پلاننگ ۾ پاڪستان ٻين قومن سان گڏ پهرين صف ۾ بيٺل آهي: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سمارٽ پلاننگ ۾ پاڪستان ٻين قومن سان گڏ پهرين صف ۾ بيٺل آهي، اين سي او سي جي ڪم ۽ اداري کي ساراهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قائم ڪيل منفرد پليٽ فارم اهو يقيني بڻائڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي ته غريب کي مڪمل لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن وڌيڪ چيو ته اين سي او سي حيرت انگيز ڪم ڪيو آهي ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته سمارٽ پلاننگ ۾ پاڪستان ٻين قومن سان گڏ پهرين صف ۾ بيٺل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو