137

ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي ٽيڪنيڪي تربيت فراهم ڪرڻ وارا قدم کنيا آهن: عثمان ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي ٽيڪنيڪي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تحت سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ هاءِ ٽيڪ ڪورس ۽ ووڪيشنل اسڪلز جي تربيت جاري آهي. هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ نوجوانن جديد ڪورسن ۾ تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي. ڪامياب جوان پروگرام جي سربراهه عثمان ڊار چيو ته تربيتي پروگرامن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان 10 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. هاءِ ٽيڪ ڪورسن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سان نوجوان کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. عثمان ڊار  نوجوانن لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ته ميرپور  جي رهواسي عادل نديم اسڪلز اسڪالرشپ منصوبي تحت هزارين رپيا ڪمايا آهن. جديد ڪورس مڪمل ڪرڻ تي ڊالرن ۾ به آن لائين ڪمائي ٿيندي. عثمان ڊار چيو ته حڪومت توهان جي ٽيڪنيڪي تربيت  لاءِ وسيلن جي فراهمي ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو