112

عبدالقادر بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري پاران بلاول ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ جلسي دوران پ پ ۾ شموليت جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ بلوچستان جو اڳوڻو صدر عبدالقادر بلوچ ۽ اڳوڻو وڏو وزير ثناءُ الله زهري ساٿين سوڌو پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل، عبدالقادر بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري ڪوئيٽا ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگيءَ ۾ جلسي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جلسي کي خطاب دوران عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته نواز ليگ بلوچستان ۾ هاڻي ڪابه سياسي شخصيت ناهي رهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو صوبي ۾ نظرياتي ووٽ موجود آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ بلوچستان ۾ اڪثريتي حڪومت ٺاهيندي، اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته کين عزت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه گهرجي، پر نواز شريف کين بي عزت ڪيو، اسان اسحاق خان سان گڏجي سازش ذريعي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرائي، نواز شريف جي حڪومت آئي ته سڀ کان پهرين اسحاق خان ئي نشانو بڻايو، نواز شريف جي رڳن ۾ وفا ئي نه آهي، بلاول ڀٽو شهيدن جو وارث آهي، نواز شريف جيڪو ڪجهه ڪيو، اُميد ته بلاول ڀٽو ائين نه ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو