120

سڄي قوم وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪشميري قوم سان گڏ آهي: اعظم خان سواتي

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته سڄي قوم وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪشميري قوم سان گڏ آهي. پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير  چيو ته ٻه سال اڳ ڀارتي وزيراعظم مودي پنهنجي غلط نظري راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه(آر ايس ايس) تحت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير (آئي آئي او جي ڪي) ۾ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. اسان ڀارتي قبضي مان آزادي لاءِ ڪشميري جي مسلسل جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته  ڪشميري عوام گذريل 70 سالن کان آزادي جي جنگ وڙهي رهي آهي ۽ اسان ڪشمير جي سڀني آزادي پسدن سان گڏ بيٺل آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو