101

ڀارتي ميڊيا جي لائن آف ڪنٽرول تان نام نهاد دهشتگردن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ موڪلڻ جي رپورٽ رد ڪيون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي ميڊيا طرفان لائن آف ڪنٽرول تان نام نهاد دهشتگردن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ موڪلڻ جي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف ڪوڙي مهم جوئي ۾ مشغول آهي ۽ ان کي يورپي يونين جي  ڊيس انفو ليب جي رپورٽ ۾ پوري طرح بي نقاب ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان زاهد حفيظ چوڌري چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي سيڪورٽي اهلڪار ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ موجود آهن. جيڪا سڄي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون مان هڪ آهي. ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي سيڪورٽي لاءِ ڪيتريون چوڪيون قائم ڪيون آهن، جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنٽرول لائن کي پار ڪرڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ اهڙن الزامن جو ڪو به بنياد نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو