104

ماضي جي ڳالهه نه ڪندس صرف مستقبل جو سوچي رهيو آهيان، انشاءَ الله بنيادي تبديلي جلد ايندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته منهنجي جنگ اختيارن جي نه پر شهر جي بحالي جي لاءِ آهي، ماضي جي ڳالهه نه ڪندس صرف مستقبل جو سوچي رهيو آهيان. مثبت شين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انشاءَ الله بنيادي تبديلي جلد ايندي. منهوڙو جي ساحل تي سنڌ حڪومت شهرين جي لاءِ هڪ زبردست تفريحي جڳهه ٺاهي رهي آهي، جنهن تي ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منهوڙي، سينڊزپٽ، گلبائي، وائي جنڪشن ۽ ضلعي ڪيماڙي جي ٻين علائقن جي دوري جي موقعي تي ڪيو.  ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي آصف جان ۽ ٻيا آفيسر پڻ هن سان گڏ هئا. سينڊزپٽ روڊ جي دوري دوران ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي روڊ پهريان تباهي جو شڪار هو سنڌ حڪومت ان کي سمنڊ ڪناري تي ايندڙ شهرين جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو آهي. هن روڊ جي تعمير کانپوءِ ٽاور کان سينڊزپٽ اچڻ جي لاءِ 20 منٽ لڳندا آهن. هن چيو ته هن علائقي ۾ رات جي وقت سفر ۾ هاڻي ڪو مسئلو نه آهي، ڦر لٽ جو سلسلو جيڪو 6 سال پهريان هو هاڻي ان ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ حڪم جاري ڪيا آهن. هن چيو ته ماڙي پور روڊ جو تعميراتي ڪم به 90 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان شهرين کي وڌيڪ سهولت ملندي. هن چيو ته شهر ۾ بهتري جي ڪمن جي لاءِ سرڪاري ادارن سان گڏ شهرين جو سهڪار پڻ ضروري آهي، هن چيو ته  مڪاني کاتي وارو صوبائي وزير منهنجو وڏو ڀاءُ آهي اسين گڏجي ڪم ڪندا آهيون. جڏهن ماحوليات کاتو ۽ ترجماني نه هئي ان وقت به شهر جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، سياسي جماعتن جي به مدد گهرجي، اچو گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن شهرين جي خدمت ڪري سگهون. ان کان اڳ ترجمان سٽي حڪومت ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ضلعي ڪيماڙي جي دوري ۾ گلبائي ، وائي جنڪشن جي جاين تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪي ڊي اي جي آفيسرن وائي جنڪشن جي جڳهه  تي پائيپ لائين وڇائڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن متعلق بريفنگ ڏني، منهوڙو جي دوري جي موقعي تي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته منهوڙو ۾ تفريحي جڳهه ڪنهن ڊگهي اونچائي تي ٺاهي ويندي جتي ننڍا ريسٽورنٽ پڻ بڻايا ويندا ته جيئن شهري کاڌن سان لطف اندوز ٿي سگهن، ان کان علاوه هتان جا شهري سمنڊ ڪناري تي به وڃي سگهندا. جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ ريمپ سميت ٻيون سهولتون به دستياب هونديون. هن چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته ڪراچي جي شهرين کي بهتر ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪيو وڃي ۽ هي تفريحي سهولت به ان لاءِ فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سان شهرين کي سمنڊ ڪناري معياري تفريح حاصل ٿيندي.   

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو