114

گنيش مندر ڀونگ رحيم يار خان جي مرمت جو ڪم جاري آهي: ڊاڪٽر شيرين مزاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته گنيش مندر ڀونگ رحيم يار خان جي مرمت جو ڪم جاري آهي. مندر ۾ مرمتي ڪم جي تصويرن سان گڏ پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان مطابق گنيش مندر جي مرمت جو ڪم جاري آهي. هندو برادري جي درخواست تي مندر جي چوڌاري ديوار جو ڪم به جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو