لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شاندار ڪارڪردگي ذريعي قوم جون دليون کٽيندڙ ايٿليٽ ارشد نديم ميڊل نه ماڻڻ تي قوم کان معافي گهري ورتي آهي، ٽوئيٽر تي هڪ پيغام جاري ڪندي ارشد نديم چيو ته عوام جي اميدن تي پورو نه لهڻ تي معذرت خواهه آهيان، پاڪستاني عوام ۽ والدين جي مهرباني جن جي دعائن سان هن مقام تي پهتس، هن وڌيڪ لکيو ته اڳين دفعي وڌيڪ تياري ڪري اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندس ۽ ميڊل ماڻيندس.
