117

مڇي جا ڏند انساني ڏندن وانگر هجڻ تي هر ڪو ئي حيران ، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪيرولينا (ويب ڊيسڪ) مڇي جا ڏند انساني ڏندن وانگر هجڻ تي هر ڪو ئي حيران ٿي ويو، رپورٽ مطابق آمريڪي رياست  ڪيرولينا ۾ هڪ همراهه مڇي پڪڙڻ لاءِ رڇ اڇليو ته انساني ڏندن واري مڇي ان ۾ ڦاٿي، جنهن کي ڏسي مارٽل نالي همراهه حيران ٿي ويو ۽ هن مڇي جي وات جون تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي ڏسندي ڏسندي وائرل ٿي ويون، سوشل ميڊيا تي ماڻهن مڇي کي ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو، هوڏانهن مڇي پڪڙيندڙ مارٽل چيو ته  مڇي کي پڪڙڻ جو عمل ڪافي دلچسپ هو ۽ سندس ذائقو به منفرد ۽ لذيذ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو