ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ثناءُالله زهري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر يونس چنگيزي سميت ڪيترن ئي وڏين شخصيتن پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾حڪومت ٺاهينداسين، بلوچستان جو وڏو وزير جيالو هوندو،نااهل جي دور ۾رڳو ناانصافيون ٿي رهيون آهن. ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته نواب ثناءُالله زهري ۽ عبدالقادر بلوچ سميت سمورن اڳواڻن جو شڪرگذار آهيان، جن پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي، بلوچستان جو وڏو وزير جيالو هوندو،صوبي جا مسئلا حل ڪنداسين،پيپلزپارٽي صوبن کي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ۾حصو ڏنو، اسان بلوچستان جي هر ضلعي ۾پهچنداسين،عوام ساٿ ڏئي ته ڪا به طاقت رستو روڪي نٿي سگهي، جيڪڏهن مسئلن مان نڪرڻو اهي ته پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو وڃي، تبديلي سرڪار مهانگائي ۽ بيروزگاري کانسواءِ عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو،تبديلي جو اصل چهرو مهانگائي آهي،عوام سڀني نالائق ۽ نااهلن کي ڏسي ۽ پرکي ورتو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سموريون جماعتون عوام جا حق غصب ڪرڻ چاهين پيون، پيپلزپارٽي حقن جو دفاع ڪندي بلوچستان ۾قائدعوام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي کي مضبوط ۽ فعال بڻائينداسين، بلوچستان جو عوام غيرتمند ۽ بهادر آهي، پيپلزپارٽي ۽ عوام جو رشتو اڄ جو نه پر ٽن نسلن جو آهي،توهان شهيد قائد جو ساٿ ڏنو هو،اوهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سياست ۾نئون نسل اچي پيو،بلوچستان،سنڌ،پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي نوجوانن سان گڏجي هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻ چاهيان ٿو،شهيد محترمه جو خواب پورو ڪيو ويندو.
