ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾طالبانن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ ويڙه شدت اختيار ڪري وئي، طالبانن وڌيڪ ٻن گادي واري هنڌن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو . رپورٽ موجب طالبانن سيڪيورٽي فورسز سان شديد ويڙهه کانپوءِ افغان اتر علائقي قندوز ۽ سرپل جو قبضو حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ويڙهاڪ طالبانن سرپل شهر،سرڪاري عمارتن ۽ اتي موجود سمورن ٺڪاڻن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته خوشي جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، افغان فوج شهر کان 3 ڪلو ميٽر پري مفاصلي تي هڪ بيرڪ تائين محدود هڪ جهاز آيو،ڇڪتاڻ سبب لينڊ نه ڪري سگهيو، طالبانن قندوز تي قبضي تي سڀ کان وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي، افغان طالبان موجب 2016ع کانپوءِ ٻيهر شهر جو قبضو حاصل ڪيو آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته مجاهد شهر تعلقان، تخار جي مرڪز يونس آباد، باغ زاخيره ۽ عرازي علائقن ۾پهچي چڪا آهن.
