109

چينين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائبي،سي پيڪ کي پرڏيهي سازش جو شڪار ٿيڻ نه ڏبو:شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان چيني سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي، پاڪ-چين لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چيني سفير کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد چيو ته چينين جي سيڪيورٽي  يقيني بڻائبي،سي پيڪ کي پرڏيهي سازش جو شڪار ٿيڻ نه ڏبو، هن چيو ته داسو هائيڊرو پاور بس حادثي بابت جاري جاچ تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي،حقيقتن بابت جلد کان جلد آگاهه ڪيو ويندو، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو،ڪا ڪثر نه ڇڏينداسين، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾لاڳاپن ۾ڪا به طاقت رڪاوٽ نٿي وجهي سگهي،پاڪستان ۾ڪيتريون ئي چيني ڪمپنيون ڪم ڪن پيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو