اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ڪورونا خلاف اسان جي حڪمت عملي جي تعريف ڪري پئي،ملڪ ۾اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو نتيجا سڀ تسليم ڪندا، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم چيو ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران ملڪ ۾تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو معائنو ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير شبلي فراز ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو،هاڻي نتيجا سمورا اميدوار تسليم ڪندا، دنيا ڪورونا خلاف اسان جي حڪمت عملي جي تعريف ڪري پيو،ان ۾ اين سي او سي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توهان تڏهن هارايو ٿا،جڏهن پنهنجي شڪست مڃو ٿا،سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا نوجوان ريس ڏسن ۽ ان مان سبق سکن ۽ اڳيان وڌن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾اهو سبق آهي،جيڪو راند مون کي سيکاريو هو، وزيراعظم وڊيو شيئر ڪئي،جنهن ۾ڪرندڙ عورت کي ريس کٽيندي ڏيکاريو ويو آهي.
